آل اسلام لائبريري

99 - The Earthquake - Az-Zalzalah

:1

جڏھن زمين پنھنجي سخت ڌوڏجڻ سان ڌوڏبي.

:2

۽ زمين پنھنجا بار ٻاھر ڪڍندي.

:3

۽ ماڻھو چوندو ته زمين کي ڇا ٿيو آھي.

:4

اُن ڏينھن (اُھا) پنھنجيون سڀ خبرون بيان ڪندي.

:5

ھن ڪري جو تنھنجي پالڻھار ڏانھس حُڪم ڪيو.

:6

اُن ڏينھن ماڻھو ڌار ڌار ٿي ورندا، ته سندس ڪم کين ڏيکارجن.

:7

پوءِ جنھن ذري جيترو چڱو ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.

:8

۽ جنھن ذري جيترو بد ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.