All Islam Directory
1

ڪتاب وارن ۽ مشرڪن مان جن انڪار ڪيو سي (ايسين تائين پنھنجي رسم کان) الڳ ٿيڻ وارا نه ھوا جيسين تائين وٽن پڌري حُجّت (نه) اچي.

2

(يعني) الله جو پيغمبر جو پاڪ صحيفا پڙھي.

3

جن ۾ سڌا سنوان لکيل حُڪم آھن.

4

۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو سي پاڻ وٽ پڌري حُجّت جي اچڻ کانپوءِ مُختلف ٿيا.

5

۽ ھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو حڪم نه ڪيو وين ته باطل کان مُنھن موڙي الله جي عبادت ڪن ۽ نماز پڙھندا رھن ۽ زڪوٰة ڏيندا رھن ۽ اھو آھي سڌو دين.

6

بيشڪ ڪتاب وارن ۽ مشرڪن مان جن ڪفر ڪيو سي دوزخ جي باھ ۾ پوندا منجھس سدائين رھندڙ ھوندا، اھي ئي (ساريءَ) خلق کان (تمام) بڇڙا آھن.

7

بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا اھي ئي (ساريءَ) خَلق کان ڀَلا آھن.

8

سندن بدلو سندن پالڻھار وٽ ھميشه جي رھڻ وارا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن انھن ۾ ھميشه سدائين رھندا، الله کائن راضي ٿيو ۽ اُھي کانئس راضي ٿيا، اھو (وعدو) انھيءَ لاءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار کان ڊنو.