آل اسلام لائبريري

97 - The Power - Al-Qadr

:1

بيشڪ اسان قرآن شب قدر ۾ لاٿو.

:2

۽ ڪنھن سمجھايئي ته شب قدر ڇا آھي.

:3

شب قدر، ھزار مھينن کان ڀلي آھي.

:4

منجھس ملائڪ ۽ رُوح پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان سڀڪنھن ڪم (جي پورائي) لاءِ لھندا آھن.

:5

اُنھيءَ رات پرھ ڦُٽڻ تائين سلامتي آھي.