آل اسلام لائبريري

96 - The Clot - Al-`Alaq

:1

(اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو.

:2

ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين.

:3

پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي.

:4

جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو.

:5

ماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو.

:6

سچ آھي ته بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي.

:7

جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي.

:8

بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي.

:9

اُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي.

:10

(منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اھو نماز پڙھندو آھي.

:11

ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن (اُھو ماڻھو) سڌي رستي تي ھجي ھا.

:12

يا پرھيزگاريءَ جو حڪم ڪري ھا.

:13

ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺيرو ٿيو.

:14

ته (ھيُ) نه ڄاتائين ڇا ته الله ڏسي ٿو.

:15

ائين نه آھي! قسم آھي ته جيڪڏھن پاڻ نه پليندو، ته ضرور پيشانيءَ جي وارن کان وٺي گھلينداسونس.

:16

اُھا پيشاني جا ڪوڙي گنھگار آھي.

:17

پوءِ ڀلي ته پنھنجي ڪچھريءَ وارن کي سڏي.

:18

اسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون.

:19

ائين نه آھي، تون چيو نه مڃيس ۽ سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجھو ٿيءُ.