1 - The Opener - Al-Fātiĥah
:1
الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)
:2
سڀ ساراھ (خاص) جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي.
:3
(جو) ٻاجھارو مھربان.
:4
قيامت جي ڏينھن جو مالڪ (آھي).
:5
تنھنجي ئي عبادت ڪيون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گھرون ٿا.
:6
اسان کي سڌي واٽ ڏيکار.
:7
جا انھن جي واٽ آھي جن تي فضل ڪيو اٿئي، نه انھن جي (واٽ) جن تي (تنھنجو) ڏمر ٿيل آھي ۽ نه گمراھن جي (واٽ).