آل اسلام لائبريري

100 - The Courser - Al-`Ādiyāt

:1

ھانبارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي.

:2

پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جوقسم آھي.

:3

پوءِ صبح جي مھل لُٽ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي

:4

جو اُن مھل رئي اُٿارين.

:5

پوءِ اُن گھڙي (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون.

:6

ته بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي.

:7

۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھن تي شاھد آھي.

:8

۽ بيشڪ اھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو آھي.

:9

(اُنھيءَ وقت کي) نه ڄاڻندو آھي ڇا جنھن وقت انھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نه آھن.

:10

۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو.

:11

بيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي.