آل اسلام لائبريري

101 - The Calamity - Al-Qāri`ah

:1

سخت ٺوڪيندڙ.

:2

(اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟

:3

۽ ڪنھن سمجھايئي ته (اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟

:4

جنھن ڏينھن ماڻھو پکيڙيلن پتنگن جان ھوندا.

:5

۽ جبل تنبيل رڱيل اُن جان ھوندا.

:6

پوءِ جنھن (جي عملن) جا ترارا ڳرا ٿيا.

:7

سو دلپسند گذران ۾ ھوندو.

:8

۽ جنھن (جي عملن) جا ترارا ھلڪا ٿيا.

:9

تنھن (جي رھڻ) جي جاءِ ھاوِيَه آھي.

:10

۽ ڪنھن سمجھايئي ته ھاويه ڇا آھي؟

:11

ھڪ ٻرندڙ باھ آھي.