102 - The Rivalry in world increase - At-Takāthur
:1
(اي ماڻھو) پاڻ ۾ گھڻائي (تي مرڪڻ) اوھان کي ويسلو ڪيو.
:2
تان جو قبرن کي ڏٺوَ.
:3
ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندؤ.
:4
وري (چئون ٿا ته) سگھوئي ڄاڻندؤ.
:5
نه نه! جيڪڏھن پڪي ويساھ سان ڄاڻو ھا (ته ويسلو نه ويھو ھا).
:6
قسم آھي ته ضرور دوزخ کي ڏسندؤ.
:7
وري به ان کي يقين واريءَ اک سان ضرور ڏسندؤ.
:8
وري اُن ڏينھن نعمتن بابت اوھان کان ضرور پڇبو.