93 - The Morning Hours - Ađ-Đuĥaá
:1
مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي.
:2
۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي.
:3
ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو.
:4
۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي.
:5
۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين.
:6
توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين.
:7
۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين.
:8
۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين.
:9
تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر.
:10
۽ سُوالي کي نه جھڻڪ.
:11
۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ.