آل اسلام لائبريري

94 - The Relief - Ash-Sharĥ

:1

(اي پيغمبر) تنھنجو سِينو تولاءِ ڪشادو نه ڪيو اٿون ڇا؟

:2

۽ تنھنجو (اُھو) بار توکان لاٿوسون.

:3

جنھن تنھنجي پٺي کي ڳرو ڪيو ھو.

:4

۽ تنھنجي ساراھ تولاءِ مٿاھين ڪئي سون.

:5

ڇوته بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي.

:6

بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي.

:7

تنھنڪري جڏھن واندو ٿئين ته (عبادت لاءِ) محنت ڪر.

:8

۽ خاص پنھنجي پالڻھار ڏانھن دل لڳاءِ.