آل اسلام لائبريري

92 - The Night - Al-Layl

:1

رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي.

:2

۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو.

:3

۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي.

:4

ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي.

:5

پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي.

:6

۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين.

:7

تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين.

:8

۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين.

:9

۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين.

:10

تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين.

:11

۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو.

:12

بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي.

:13

۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن.

:14

پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي.

:15

(اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو.

:16

جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو.

:17

۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو.

:18

جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي.

:19

۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي.

:20

پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو).

:21

۽ ضرور جلد خوش ٿيندو.