آل اسلام لائبريري

91 - The Sun - Ash-Shams

:1

سج ۽ اُن جي سوجھري جو قسم آھي.

:2

۽ چنڊ جوقسم آھي جڏھن ان جي پوئتان اچي.

:3

۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن سج کي روشن ڪري.

:4

۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن سج کي ڍڪي.

:5

۽ آسمان جو ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن اُن کي بڻايو.

:6

۽ زمين جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي پکيڙيو.

:7

۽ (ماڻھوءَ جي) جيءُ جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي جوڙي برابر ڪيو.

:8

پوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ) اندر ۾ وڌائينس.

:9

جنھن اُن (نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو.

:10

۽ جنھن اُن کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو.

:11

(قوم) ثمود پنھنجي سرڪشيءَ سببان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو.

:12

جڏھن منجھانئن بلڪل نڀاڳو اُٿيو.

:13

پوءِ الله جي پيغمبر کين چيو ته الله جي ڏاچي ۽ اُن جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه ٿيو.

:14

پوءِ پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيائون پوءِ ڏاچيءَ جو کُچون ڪپيائون، پوءِ سندن گناھن سببان سندن پالڻھار مٿن عذاب پلٽيو پوءِ اُن (سزا) کي (سڀني) تي ھڪ جھڙو ڪري ڇڏيائين.

:15

۽ (الله) اُن (سزا) جي پڇاڙيءَ کان نه ٿو ڊڄي.