آل اسلام لائبريري

90 - The City - Al-Balad

:1

ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو.

:2

۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين.

:3

۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو.

:4

ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون.

:5

(ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟

:6

چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو.

:7

ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟

:8

کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟

:9

۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟

:10

۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس.

:11

پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو.

:12

۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟

:13

ٻانھو آجو ڪرڻ آھي.

:14

يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ.

:15

مائٽي واري ڇوري ٻار کي.

:16

يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي.

:17

ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون.

:18

اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن.

:19

۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن.

:20

مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي.