آل اسلام لائبريري

89 - The Dawn - Al-Fajr

:1

پرھ جو قسم آھي.

:2

۽ ڏھن راتين جو قسم آھي.

:3

۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي.

:4

۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي.

:5

ھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي.

:6

نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو.

:7

(جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا.

:8

جن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي.

:9

۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون.

:10

۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين).

:11

انھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي.

:12

پوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون.

:13

تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو.

:14

بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي.

:15

پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو.

:16

۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو.

:17

(ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو.

:18

۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو.

:19

۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو.

:20

۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو.

:21

ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي.

:22

۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا).

:23

۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي.

:24

چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا.

:25

پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو.

:26

۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو.

:27

(مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ.

:28

تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي.

:29

تنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ.

:30

۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ.