آل اسلام لائبريري

88 - The Overwhelming - Al-Ghāshiyah

:1

(اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟

:2

اُن ڏينھن ڪيترائي مُنھن خوار ھوندا.

:3

ڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا.

:4

ٻرندڙ باھ ۾ پوندا.

:5

بلڪل تتي چشمي مان پاڻي پياربن.

:6

ڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ انھن لاءِ نه ھوندو.

:7

(جو اُھو) نڪي (کين) ڀُلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو.

:8

ڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا.

:9

پنھنجي ڪمائيءَ کان راضي ھوندا.

:10

مٿاھين بھشت ۾ ھوندا.

:11

اتي ڪا اجائي ڳالھ نه ٻڌندين.

:12

اُتي چشما وھندڙ آھن.

:13

اُتي وڏا تخت مٿي وڇايل.

:14

۽ آبخورا رکيل.

:15

۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل.

:16

۽ غاليچا وڇايل آھن.

:17

(ماڻھو) اُٺن ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته ڪيئن خلقيا ويا.

:18

۽ آسمان ڏانھن ته ڪيئن مٿي ڪيو ويو.

:19

۽ جبلن ڏانھن ته ڪيئن کڙا ڪيا ويا.

:20

۽ زمين ڏانھن ته ڪيئن وڇائي وئي.

:21

پوءِ (اي پيغمبر) تون، رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين.

:22

تون مٿن ڪو داروغو نه آھين.

:23

پر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو.

:24

تنھن کي الله وڏي عذاب جي سزا ڏيندو.

:25

بيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي.

:26

وري بيشڪ سندن حساب وٺڻ اسان جي ذمي آھي.