آل اسلام لائبريري

83 - The Defrauding - Al-Muţaffifīn

:1

(تور ۽ ماپ ۾) انھن گھٽ ڪري ڏيندڙن لاءِ ويل آھي.

:2

جي جڏھن (پاڻ لاءِ) ماڻھن کان مَئي وٺندا آھن ته بلڪل پورو ڪري وٺندا آھن.

:3

۽ جڏھن اُنھن کي مَئي ڏيندا آھن يا کين توري ڏيندا آھن (ته) گھٽائي ڏيندا آھن.

:4

اھي گمان نه ٿا ڪن ڇا ته کين (ضرور) اُٿاربو.

:5

اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ.

:6

جنھن ڏينھن ماڻھو جھانن جي پالڻھار اڳيان ٿي بيھندا.

:7

سچ آھي ته بيشڪ بدڪارن جو اعمالنامو سجين ۾ آھي.

:8

۽ ڪنھن سمجھايئي ته سجين ڇا آھي؟

:9

ھڪ لکيل دفتر آھي.

:10

اُن ڏينھن (انھن) ڪوڙ ڀانئيندڙن لاءِ ويل آھي.

:11

جيڪي عملن جي بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا آھن.

:12

۽ اُن کي سڀڪنھن حد کان لنگھندڙ گنھگار کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڪوڙ نه ڀانئيندو.

:13

جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته چوندو آھي ته (اھي) اڳين جون آکاڻيون آھن.

:14

ائين بلڪل نه آھي! بلڪ، جيڪي ڪمائيندا ھوا تنھن جي ڪَٽ سندين دلين تي ڄمي ويئي آھي.

:15

ائين نه آھي پنھنجي پالڻھار (جي سامھون اچڻ) کان انھي ڏينھن روڪيل ھوندا.

:16

وري بيشڪ اُھي دوزخ ۾ گھڙڻ وارا ھوندا.

:17

وري چئبن ته ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀانئيندا ھُيؤ.

:18

سچ آھي بيشڪ ڀلارن جو اعمالنامو عِلّيِّيۡن ۾ آھي.

:19

۽ ڪنھن سمجھايئي ته عِلِّيّين ڇا آھي؟

:20

ھڪ لکيل دفتر آھي.

:21

اُن وٽ (الله جا) مقرب حاضر رھندا آھن.

:22

بيشڪ ڀلارا (بھشت) جي نعمتن ۾ ھوندا.

:23

تختن تي ويھي نظارو پيا ڪندا.

:24

(سڀني پاسن کان) سندن منھن مان ئي نعمت جي تازگي پيو معلوم ڪندين.

:25

مھر لڳل صاف شراب مان پيو پياربن.

:26

جنھن جي مُھر مشڪ (جي) ھوندي، ۽ شوقينن کي جڳائي ته اُنھيءَ ۾ شوق رکن.

:27

اُن جي ملاوت تَسۡنِيم (جي پاڻيءَ) مان ھوندي.

:28

جو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا ويجھا (ٻانھا) پيئندا.

:29

بيشڪ ڏوھاري (دنيا ۾) مؤمنن تي کلندا ھوا.

:30

۽ جڏھن وٽائن لنگھندا ھوا ته مؤمنن تي حقارت ڪري پاڻ ۾ ميڇون ڏيندا ھوا.

:31

۽ جڏھن پنھنجن گھر وارن ڏانھن موٽندا ھوا (ته) ڏاڍيون خوشيون ڪندا موٽندا ھوا.

:32

۽ جڏھن مؤمنن کي ڏسندا ھوا ته چوندا ھوا ته بيشڪ اُھي گمراھ آھن.

:33

۽ (حقيقت ڪري) اُھي مؤمنن تي نگھبان ڪري نه موڪليا ويا ھوا.

:34

تنھنڪري اڄ مؤمن ڪافرن تي کِلن ٿا.

:35

تختن تي (ويھي) نظارو ڪن ٿا.

:36

(۽ چون ٿا) ته ڪافرن کي انھيءَ جو بدلو ڏنو ويو آھي ڇا جيڪي اُھي ڪندا ھوا.