آل اسلام لائبريري

82 - The Cleaving - Al-'Infiţār

:1

جڏھن آسمان ڦاٽندو.

:2

۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا.

:3

۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا.

:4

۽ جڏھن قبرون پٽبيون.

:5

(تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين.

:6

اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟

:7

جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين.

:8

جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين.

:9

ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو.

:10

۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن.

:11

سڳورا لکڻ وارا.

:12

جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن.

:13

بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا.

:14

۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا.

:15

عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا.

:16

۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا.

:17

۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟

:18

وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟

:19

اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي.