آل اسلام لائبريري

81 - The Overthrowing - At-Takwīr

:1

جڏھن سج ويڙھبو.

:2

۽ جڏھن تارا ميرا ٿيندا.

:3

۽ جڏھن جبل ھلايا ويندا.

:4

۽ جڏھن ڍُڪيون ويامڻ تي ڏاچيون بيڪار ڇڏبيون.

:5

۽ جڏھن جھنگلي جانور گڏ ڪبا.

:6

۽ جڏھن درياءَ (باھ وانگر) تپائبا.

:7

۽ جڏھن جيءَ پاڻ ۾ ملائبا.

:8

۽ جڏھن جيئري پوريل نياڻي پڇبي ته.

:9

ڪھڙي ڏوھ ڪري ماري وئي.

:10

۽ جڏھن اعمالناما کولبا.

:11

۽ جڏھن آسمان ڇلبو.

:12

۽ جڏھن دوزخ ٻاربو.

:13

۽ جڏھن بھشت ويجھو ڪبو.

:14

(تڏھن) ھر ھڪ جيءُ جيڪي حاضر آندو سو ڄاڻندو.

:15

پوئتي ھٽندڙ تارن جو قَسم کڻان ٿو.

:16

جي (ڪڏھن) سڌا ھلندڙ آھن (ڪڏھن) لڪي ويندڙ آھن.

:17

۽ قسم آھي رات جو جڏھن پوئتي موٽندي آھي.

:18

۽ قسم آھي صُبح جو جڏھن روشن ٿئي.

:19

ته بيشڪ اھو (قرآن) ھڪ موڪليل سڳوري (مَلَڪ) جو پيغام ڏيڻ آھي.

:20

جو سگھ واري عرش جي مالڪ (الله) وٽ وڏي مرتبي وارو آھي.

:21

جو مڃوتيءَ وارو اُتي (مَلڪوت ۾) امين آھي.

:22

۽ (ھي) اوھان جو سنگتي (ﷴ ﷺ ڪو) چريو نه آھي.

:23

۽ بيشڪ (اوھان جي سنگتي) اُن (مَلَڪ) کي آسمان جي پڌري ڪناري تي (چتائي) ڏٺو آھي.

:24

۽ اُھو (اوھان جو سنگتي) ڳجھ (جي ڳالھ ڏسڻ) تي بخل ڪندڙ نه آھي.

:25

۽ قرآن تڙيل شيطان جو ڪلام نه آھي.

:26

پوءِ ڪيڏانھن وڃو ٿا؟

:27

ھيءُ (قرآن) جھان وارن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي.

:28

اوھان مان جيڪو سڌو ھلڻ گھري تنھن لاءِ آھي.

:29

۽ جھانن جي پالڻھار الله جي گھُر کانسواءِ (ٻيو) ڪي اوھين گھري نه سگھندؤ.