آل اسلام لائبريري

80 - He Frowned - `Abasa

:1

مُنھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين.

:2

ھن ڪري جو وٽس نابين آيو.

:3

۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا.

:4

يا نصيحت ٻڌي ھا پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا.

:5

پر جنھن بي پرواھي ڪئي.

:6

پوءِ تنھن (جي سڌاري) لاءِ تون پٺيان پيو آھين.

:7

ھن ۾ توتي (ڪا ميار) ڪانھي ته اُھو نه سُڌرجي.

:8

۽ جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو.

:9

۽ اُھو (پنھنجي الله کان) ڊڄي ٿو.

:10

پوءِ تنھن کان تون ويسلو ٿئين ٿو.

:11

ائين نه آھي بيشڪ اھي (قرآن جون آيتون) ھڪ نصيحت آھي.

:12

پوءِ جيڪو گھُري سو قرآن ياد رکي.

:13

(بيشڪ قرآن جون آيتون) تعظيم وارن ورقن ۾ لکيل آھن.

:14

جي مٿاھان ۽ پاڪ آھن.

:15

لکندڙن جي ھٿن ۾.

:16

جي سڳورا ڀلارا آھن.

:17

ماڻھو ماريو وڃي جو ڪھڙو نه بي شُڪر آھي.

:18

(ڌيان ڪري ته الله) ڪھڙي شيءَ مان پيدا ڪيس.

:19

مني جي ڦڙي مان، خلقيائينس پوءِ اندازو مقرر ڪيائينس.

:20

وري (نڪرڻ جي) واٽ سنھنجي ڪيائينس.

:21

وري ماريائينس پوءِ قبر ۾ رکايائينس.

:22

وري جڏھن گھرندو تڏھن اُن کي جيئرو ڪندو.

:23

ائين نه آھي جيڪي فرمايائينس سو پورو نه ڪيائين.

:24

پوءِ جڳائي ته ماڻھو پنھنجي کاڌي ڏانھن نھاري ڏسي.

:25

ته اسان پاڻي کي چڱيءَ طرح آسمان کان پلٽيو.

:26

وري زمين کي پوري طرح چيريوسون.

:27

پوءِ منجھس اَن ڄمايوسون.

:28

۽ ڊاکون ۽ ترڪاريون.

:29

۽ زيتون ۽ کجيون.

:30

۽ گھاٽا باغ.

:31

۽ ميوو ۽ گاھ (به).

:32

اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن لاءِ.

:33

پوءِ جڏھن ڪَن ٻوڙا ڪندڙ (دھشت واري) ھڪل ايندي.

:34

انھي ڏينھن آدمي پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو.

:35

۽ (پڻ) پنھنجي ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان.

:36

۽ پنھنجي گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو.

:37

انھن مان سڀڪنھن مڙس لاءِ اُن ڏينھن اھڙي حالت ھوندي جو کيس بس ھوندي.

:38

ڪيترائي منھن اُن ڏينھن روشن ھوندا.

:39

کِلندڙ ۽ (تمام) سرھا ھوندا.

:40

۽ ڪيترائي منھن (ھوندا) جن تي اُن ڏينھن رئي پيل ھوندي.

:41

جن کي ڪارنھن ويڙھي ويندي.

:42

اھي ئي مُنڪر بدڪار آھن.