آل اسلام لائبريري

79 - Those who drag forth - An-Nāzi`āt

:1

اندر گھڙي ڇڪي آئيندڙن جو قسم آھي.

:2

۽ کولي آسانيءَ سان ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي.

:3

۽ چڱي طرح سان ترندڙن جو قسم آھي.

:4

پوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي.

:5

پوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن ٽولين جو قسم آھي.

:6

ته جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي.

:7

ان کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو.

:8

تنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون.

:9

انھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جھڪيون ٿينديون.

:10

چون ٿا ته اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟

:11

ھان جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون؟

:12

چوندا آھن ته انھي مھل اھو ٻيھر موٽڻ (وڏو) نقصان وارو آھي.

:13

پوءِ اھو (واقعو) ھڪڙي سخت ھڪل آھي.

:14

پوءِ اتي جو اُتي ھڪ پڌري ميدان ۾ حاضر ٿيل ھوندا.

:15

(اي پيغمبر) تو وٽ مُوسىٰ جي خبر پُھتي آھي ڇا؟

:16

جڏھن سندس پالڻھار کيس پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ سڏيو.

:17

ته فرعون ڏانھن وڃ ڇوته ھو حد کان لنگھيو آھي.

:18

پوءِ (ان کي) چؤ ته ھن ڏانھن خيال اٿئي ته تون سڌرجين؟

:19

۽ تنھنجي پالڻھار ڏانھن توکي (سڌو) رستو ڏيکاريان ته (تون اُن کان) ڊڄين.

:20

پوءِ فرعون کي وڏي نشاني ڏيکاريائين.

:21

پوءِ (فرعون موسى) کي ڪوڙو ڀانيو ۽ نافرماني ڪيائين.

:22

وري (اُتان) پٺيرو ٿي تکو ھلڻ لڳو.

:23

پوءِ (پنھنجي قوم کي) گڏ ڪيائين پوءِ سڏيائين.

:24

پوءِ چيائين ته آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون پالڻھار آھيان.

:25

پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دُنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو.

:26

بيشڪ ھن (قصّي) ۾ انھي لاءِ نصيحت آھي جيڪو ڊڄي.

:27

ڀلا بڻاوت ۾ اوھين ڏکيا آھيو يا آسمان جنھن کي الله بڻايو؟

:28

اُن جي مٿاھين بلند ڪيائين پوءِ اُن کي برابر بيھاريائين.

:29

۽ اُن جي رات کي اوندھ ڪيائين ۽ اُن جو سوجھرو (ڏينھن جو) پڌرو ڪيائين.

:30

۽ اُن کان پوءِ زمين کي وڇايائين.

:31

اُن مان سندس پاڻي ۽ سندس گاھ ڪڍيائين.

:32

۽ جبلن کي مُحڪم کوڙيائين.

:33

اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ.

:34

پوءِ جڏھن وڏو واقعو (قيامت جو) ايندو.

:35

اُن ڏينھن ماڻھو اھو ياد ڪندو جيڪي (دنيا ۾) ڪمايو ھوائين.

:36

۽ دوزخ اُنھيءَ لاءِ پڌرو ڪبو جيڪو ڏسڻ گھرندو.

:37

پوءِ جيڪو حد کان لنگھيو ھوندو.

:38

۽ ھن دنيا جي حياتيءَ کي ڀَلو سمجھيائين.

:39

تنھن جي جاءِ بيشڪ دوزخ آھي.

:40

۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سَڌ کان جھليائين.

:41

پوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي.

:42

(اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته اُن جو (واقعو) ٿيڻ ڪڏھن آھي؟

:43

(اي پڇندڙ) اُن جي خبر بابت تون ڪھڙي خيال ۾ آھين؟

:44

اُن جي پڄاڻي (جي خبر) تنھنجي پالڻھار وٽ آھي.

:45

جيڪو قيامت کان ڊڄي رڳو تنھن لاءِ تون ڊيڄاريندڙ آھين.

:46

جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندا (تنھن ڏينھن) ائين ڀانئيندا ته ڄڻڪ ھڪڙي وقت سانجھي يا ان جي صبح کانسواءِ (دنيا ۾) رھيا ئي نه ھوا.