آل اسلام لائبريري

78 - The Tidings - An-Naba

:1

ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا.

:2

(ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت.

:3

جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن.

:4

ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.

:5

وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.

:6

زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟

:7

۽ جبلن کي ميخون؟

:8

۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون.

:9

۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون.

:10

۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون.

:11

۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون.

:12

۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون.

:13

۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون.

:14

۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون.

:15

ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون.

:16

۽ گھاٽاباغ (به).

:17

بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي.

:18

جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ.

:19

۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو.

:20

۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا.

:21

بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي.

:22

جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي.

:23

منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا.

:24

اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا.

:25

تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ.

:26

(اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي.

:27

ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا.

:28

۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا.

:29

۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون.

:30

پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون.

:31

بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي.

:32

جو باغ ۽ ڊاکون.

:33

۽ ھم عمر نوجوان زالون.

:34

۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به).

:35

اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا.

:36

(اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي.

:37

جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو.

:38

جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا.

:39

اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي.

:40

بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا.