آل اسلام لائبريري

77 - The Emissaries - Al-Mursalāt

:1

چڱين گُھلندڙن ھيرُن جو قسم آھي.

:2

پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي.

:3

۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي.

:4

پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي.

:5

پوءِ وحي آڻيندڙن ملائڪن جو قسم آھي.

:6

(جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي) آڻيندا آھن.

:7

ته بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سا ضرور ٿيڻي آھي.

:8

پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا.

:9

۽ جڏھن آسمان چيربو.

:10

۽ جڏھن جبل اڏائبا.

:11

۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا.

:12

(تڏھن ثابت ٿيندو ته پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو.

:13

فيصلي جي ڏينھن لاءِ.

:14

۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي.

:15

اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

:16

پھرين کي ھلاڪ نه ڪيو اٿون ڇا؟

:17

وري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون.

:18

ائين ڏوھارين سان ڪندا آھيون.

:19

اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

:20

اوھان کي خسيس پاڻي مان نه بڻايو اٿون ڇا؟

:21

پوءِ اُن کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون.

:22

ھڪ مُقرّر وقت تائين.

:23

پوءِ (بڻاوت ۾) پورو ڪيوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون.

:24

اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

:25

زمين کي ماپائڻ واري نه ڪئي اٿون ڇا؟

:26

(جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي).

:27

۽ زمين ۾ اُچا جبل ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون.

:28

اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

:29

(چيو ويندو ته ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھوا تنھن ڏانھن وڃو.

:30

(چئبن ته) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن وڃو.

:31

نه ٿڌي ڇانوَ ھوندي ۽ نه (باھ جي) توَ کان توکي بچائيندي.

:32

بيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي.

:33

ڄڻ ته اُھي ھيڊا اُٺ آھن.

:34

اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

:35

اُھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نه ڳالھائيندا.

:36

۽ نڪي کين موڪل ڏبي ته (ڪو) عذر (بيان) ڪن.

:37

اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

:38

ھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون.

:39

پوءِ جيڪڏھن اوھان کي بڇڙي رِٿ ڪرڻي آھي ته منھنجي حق ۾ رٿيو.

:40

اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

:41

بيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا.

:42

۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا.

:43

(چئبن ته) چڱا ڪم ڪندا ھئو تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو.

:44

بيشڪ اسين نيڪن کي ائين بدلو ڏيندا آھيون.

:45

اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

:46

(اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ آسودا رھو بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو.

:47

اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

:48

۽ جڏھن کين چئجي ته نماز پڙھو (ته) نماز نه پڙھندا آھن.

:49

اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

:50

پوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙي ڳالھ تي ويساھ رکندا.