آل اسلام لائبريري

84 - The Sundering - Al-'Inshiqāq

:1

جڏھن آسمان ڦاٽندو.

:2

۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.

:3

۽ جڏھن زمين پکيڙبي.

:4

۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي.

:5

۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.

:6

اي ماڻھو تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين جو اُن کي (وڃي) ملندين.

:7

پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو.

:8

تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو.

:9

۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو.

:10

۽ اُھو ماڻھو جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺي پويان ڏبو.

:11

سو سگھوئي موت کي سڏيندو.

:12

۽ دوزخ ۾ گھڙندو.

:13

ڇوته اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو.

:14

بيشڪ انھيءَ ڀانيو ھو ته (الله ڏانھن) ڪڏھن نه موٽندو.

:15

ھائو! (موٽندو) ڇوته سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي.

:16

پوءِ شفق جو قسم کڻان ٿو.

:17

۽ رات جو (قسم) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس.

:18

۽ چنڊ جو (قسم) جڏھن پورو روشن ٿئي.

:19

ته ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ.

:20

پوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي جو ايمان نه آڻيندا آھن.

:21

۽ جڏھن وٽن قرآن پڙھبو آھي (ته) سجدو نه ڪندا آھن.

:22

بلڪ (اھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن.

:23

۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

:24

پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.

:25

پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي.