آل اسلام لائبريري

75 - The Resurrection - Al-Qiyāmah

:1

قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو.

:2

۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (ته قيامت ۾ سڀ اُٿندا).

:3

ماڻھو ڀائيندو آھي ڇا ته سندس ھڏا ڪڏھن گڏ نه ڪنداسون.

:4

ھائو! سنديس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون.

:5

بلڪ ماڻھو ھي گھرندو آھي ته پنھنجي اڳ (جي وقت) لاءِ گناھ ڪري.

:6

پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟

:7

پوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون.

:8

۽ چنڊ گرھبو.

:9

۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا.

:10

(تڏھن) چوندو ماڻھو ته ڀڄڻ جي واھ ڪٿي آھي؟

:11

نه نه! ڪا واھ ڪانھي.

:12

تنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي.

:13

اُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (انھيءَ بابت) خبردار ڪبو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ پوئتي رھايائين.

:14

بلڪ ماڻھو پنھنجي لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي.

:15

توڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري.

:16

(اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين.

:17

ڇوته (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي.

:18

پوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ.

:19

وري بيشڪ اُنجو پڌرو ڪرڻ اسان جي ذمي آھي.

:20

نه نه! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو.

:21

۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو.

:22

ڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا.

:23

پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا.

:24

۽ ڪي مُنھن اُن ڏينھن ڪارا ٿيل ھوندا.

:25

ڀانئيندا ته ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندؤ.

:26

نه نه! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو.

:27

۽ چيو ويندو ته ڪو، ڦيڻو رکڻ وارو آھي.

:28

۽ ڀانئيندو ته (ھاڻي روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) وقت اچي ويو.

:29

۽ ھڪ پِني ٻئي پِنيءَ سان وچڙندي.

:30

اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي.

:31

پوءِ نڪي (الله جي ڪلام کي) سچو ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين.

:32

پر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين.

:33

وري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو.

:34

توتي خرابي ھجي پوءِ توتي خرابي ھجي.

:35

وري (ٻيھر چوان ٿو ته) توتي خرابي ھجي.

:36

ماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا ته (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو.

:37

(اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو.

:38

وري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين.

:39

پوءِ منيءَ مان ٻه جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين.

:40

اھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نه آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟