آل اسلام لائبريري

74 - The Cloaked One - Al-Muddaththir

:1

اي (پاڻتي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا مڙس.

:2

کڙو ٿي پوءِ ڊيڄار.

:3

۽ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر.

:4

۽ پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک.

:5

۽ پليتي کان پري رھ.

:6

۽ (اھڙو) احسان نه ڪر جو زيادہ عوض گھرين.

:7

۽ پنھنجي پالڻھار (جي حُڪم) لاءِ صبر اختيار ڪر.

:8

پوءِ جڏھن صُور ۾ ڦوڪبو.

:9

تڏھن اُن ڏينھن اوکو وقت ٿيندو.

:10

ڪافرن تي اڻ سکيو (وقت) ھوندو.

:11

مون کي ۽ جنھن کي اڪيلو پيدا ڪيم تنھن کي ڇڏي ڏي.

:12

۽ اُن کي گھڻو مال ڏنم.

:13

۽ (مجلسن ۾) حاضر ٿيڻ وارا پُٽ (به ڏنم).

:14

۽ ان کي پوري طرح وڌايم.

:15

وري (به) لالچ رکندو آھي ته (کيس) وڌيڪ ڏيان.

:16

ائين نه آھي، بيشڪ اُھو اسان جي آيتن سان جھڳڙو ڪندڙ آھي.

:17

جلد اُن کي وڏي سختي سان تڪليف ڏيندس.

:18

بيشڪ اُن دل ۾ سوچ ڪئي ۽ ٺھراءُ ڪيو.

:19

پوءِ لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراء ڪيائين.

:20

وري به لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراءُ ڪيائين.

:21

وري (غور ڪري) ڏٺائين.

:22

وري منھن ۾ شور وڌائين ۽ گھنڊ پاتائين.

:23

وري پٺيرو ٿيو ۽ وڏائي ڪيائين.

:24

پوءِ چيائين ته ھي (قرآن) رڳو جادو آھي جو (جادوگرن کان) ھليو اچي ٿو.

:25

ھي (قرآن) رڳو ماڻھوءَ جو ڪلام آھي.

:26

جلد اُن کي دوزخ ۾ وجھندس.

:27

۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته دوزخ ڇا آھي.

:28

اُھو نڪي ڪجھ (گوشت) رھائي ٿو ۽ نڪي (ھڏا) ڇڏي ٿو.

:29

ماڻھن کي (ساڙي) ڪارو ڪندڙ آھي.

:30

اُن تي اُڻويہ ڄڻا دربان آھن.

:31

۽ دوزخ جا دربان رڳو ملائڪ ڪيا اٿون، ۽ سندن ڳاڻيٽو رڳو ڪافرن لاءِ پرک ڪئي اٿون ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارا پنھنجي ايمان ۾ وڌن ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون ۽ ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي سي ۽ ڪافر چون ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي، اھڙيءَ طرح الله جنھن کي گھري (تنھن کي) ڀلائيندو آھي ۽ جنھن کي گھري (تنھن کي) ھدايت ڪندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جا لشڪر اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ ھيءَ (دوزخ) سڀ ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ رڳو نصيحت آھي.

:32

سچ چوان ٿو چنڊ جو قسم آھي.

:33

۽ رات جو جڏھن پٺ ڦيري.

:34

۽ صبح جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي.

:35

ته بيشڪ دوزخ ھڪ وڏين شين مان آھي.

:36

(سڀڪنھن) ماڻھو کي ڊيڄاريندڙ آھي.

:37

اوھان مان انھي لاءِ جيڪو گھري ته (بھشت) لاءِ اڳي وڌي يا (دوزخ ۾) پٺ تي رھي.

:38

سڀڪو جيءُ پنھنجي ڪئي ۾ ڳه پيل آھي.

:39

پر سڄي پاسي وارا (ڇٽل آھن).

:40

(بھشت جي) باغن ۾ ھوندا، گڏجي پڇندا.

:41

ڏوھارين کان.

:42

ته اوھان کي دوزخ ۾ ڪھڙي ڳالھ وڌو.

:43

چوندا ته نڪي نمازين مان ھواسون.

:44

۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا ھواسون.

:45

۽ بڪواتن سان گڏ بڪوات ڪندا ڪندا ھواسون.

:46

۽ بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا ھواسون.

:47

تان جو اسان کي موت پھتو.

:48

پوءِ کين پارت ڪندڙن جي پارت نفعو نه ڏيندي.

:49

پوءِ انھن کي ڇا (ٿيو) آھي جو نصيحت کان منھن موڙيندڙ (ٿيا) آھن.

:50

ڄڻ ته اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن.

:51

جي شينھن کان ڀڳا ھجن.

:52

بلڪ منجھائن ھر ھڪ مڙس گھرندو آھي ته کيس (آسمان) مان کليل ڪتاب ڏجن.

:53

ائين نه آھي، بلڪ آخرت کان نه ٿا ڊڄن.

:54

سچ آھي ته بيشڪ قرآن ھڪ نصيحت آھي.

:55

پوءِ جيڪو گُھري سو اُن کي پڙھي.

:56

۽ الله جي گھر کانسواءِ (ان کي) ياد ڪري نه سگھندا آھن، (الله) اُھو آھي جنھن کان ڊڄڻ گھرجي ۽ اھو بخشش جو به مالڪ آھي.