آل اسلام لائبريري

70 - The Ascending Stairways - Al-Ma`ārij

:1

ھڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو.

:2

جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي.

:3

جو وڏن مرتبن واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي.

:4

جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيه آھي تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن چڙھندا.

:5

تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر.

:6

ڇوته ڪافر انھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا.

:7

۽ اسين اُن کي ويجھو ٿا ڏسون.

:8

جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو.

:9

۽ جبل رڱيل اُن جان ٿيندا.

:10

۽ ڪو مائٽ ڪنھن ٻئي مائٽ کان نه پڇندو.

:11

(توڙي جو) اُھي کين ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو ته جيڪر اُن ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا پُٽ بدلو ڏئي.

:12

۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (به).

:13

۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (به) جنھن کيس ٽڪايو ٿي.

:14

۽ اُھو (به) جيڪي سڀئي زمين ۾ آھي پوءِ سندس اھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس.

:15

ائين نه آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) الانبن واري باھ آھي.

:16

مَٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آھي.

:17

جيڪو (خدا کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي سڏي ٿي.

:18

۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين.

:19

بيشڪ ماڻھو حرص وارو پيدا ٿيل آھي.

:20

جڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (ته) دانھون ڪندو آھي.

:21

۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (ته) ڪنجوس ٿيندو آھي.

:22

پر (اُھي) نمازي (نه).

:23

جيڪي پنھنجي نماز تي ھميشه پورا آھن.

:24

۽ اُھي (به) جن جي مالن ۾ (خداءَ جو) حصّو مقرر ٿيل آھي.

:25

سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ.

:26

۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن.

:27

۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن.

:28

بيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نه سگھبو.

:29

۽ اُھي جيڪي پنھنجين اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا آھن.

:30

پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ پوءِ بيشڪ اُھي ملامت وارا نه آھن.

:31

پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن.

:32

۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن.

:33

۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن.

:34

۽ اُھي جيڪي پنھنجي نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن.

:35

اُھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا.

:36

پوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو توڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن.

:37

سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي.

:38

منجھائن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟

:39

ائين نه آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي جنھنجي خبر اٿن.

:40

پوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسين وسوارا آھيون.

:41

ھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آھيون.

:42

پوءِ (اي پيغمبر) انھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو.

:43

جنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا.

:44

ان وقت سندن اکيون جھڪيون ھونديون انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو.