آل اسلام لائبريري

69 - The Reality - Al-Ĥāqqah

:1

قيامت.

:2

ڇا آھي (اھا) قيامت.

:3

۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟

:4

ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو.

:5

پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا.

:6

۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا.

:7

(الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن.

:8

پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟

:9

۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا.

:10

۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو.

:11

بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو.

:12

ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي.

:13

پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي.

:14

۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو.

:15

پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي.

:16

۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو.

:17

۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا.

:18

اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي.

:19

پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو.

:20

بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس.

:21

اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو.

:22

مٿاھين بھشت ۾.

:23

جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا.

:24

(چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ.

:25

۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا.

:26

نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟

:27

ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا.

:28

منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو.

:29

مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي.

:30

(ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس.

:31

وري دوزخ ۾ وجھوس.

:32

وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي.

:33

ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو.

:34

۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو.

:35

تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي.

:36

۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي.

:37

(جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو.

:38

پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو.

:39

۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به).

:40

ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي.

:41

۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا.

:42

۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا.

:43

(ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي.

:44

۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا.

:45

ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا.

:46

وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا.

:47

پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي.

:48

۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي.

:49

۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن.

:50

۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي.

:51

۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي.

:52

تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.