آل اسلام لائبريري

51 - The Winnowing Winds - Adh-Dhāriyāt

:1

قسم آھي اُڏائڻ وارن (وائن) جو (خاڪ کي) اُڏائڻ.

:2

پوءِ (پاڻي جي) بار کڻڻ وارن (ڪڪرن) جو قسم آھي.

:3

پوءِ آسانيءَ سان ھلندڙين (ٻيڙين) جو قسم آھي.

:4

پوءِ ڪم وراھڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.

:5

ته بيشڪ جيڪو اوھان سان انجام ڪجي ٿو سو سچ آھي.

:6

۽ بيشڪ (عملن جو) بدلو ضرور ٿيڻو آھي.

:7

واٽن واري آسمان جو قسم آھي.

:8

ته (اوھين) پاڻ ۾ تڪرار واريء ھڪ ڳالھ ۾ (پيل) آھيو.

:9

قرآن کان اُھو ڦيرايو ويندو آھي جيڪو (ازل) ۾ ڦيرايل آھي.

:10

اُنھن ڪوڙ ھڻندڙن کي لعنت ڪئي ويئي.

:11

جيڪي اَڻ ڄاڻائي ۾ وسارڻ وارا آھن.

:12

پُڇندا آھن ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟

:13

(ھائو) اُنھي ڏينھن جو اُنھن کي باھ ۾ عذاب ڪبو.

:14

(چئبو ته ھيُ) پنھنجو عذاب چکو، ھيُ اُھو آھي جنھن کي اوھين جلد گھرندا ھئو.

:15

بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا.

:16

جيڪي سندن پالڻھار کين ڏنو سو وٺڻ وارا ھوندا، بيشڪ اُھي ھن کان اڳ چڱائي ڪندڙ ھوا.

:17

رات جو ٿورو سمھندا ھوا.

:18

۽ اُھي اَسرن جو بخشش گھرندا ھوا.

:19

۽ سندن مالن ۾ سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙ مُحتاج جو حصّو ھو.

:20

۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آھن.

:21

۽ اوھان جي جندن ۾ به، پوءِ نٿا ڏسو ڇا؟

:22

۽ اوھان جي روزي آسمان ۾ آھي ۽ اُھو (به) جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو.

:23

پوءِ آسمان ۽ زمين جي پالڻھار جو قسم آھي ته اھا خبر سچي آھي جھڙي طرح اوھين ڳالھائيندا آھيو.

:24

اِبراھيم جي سڳورن مھمانن جي خبر تو وٽ (نه) آئي آھي ڇا؟

:25

جڏھن اُھي وٽس آيا تڏھن سلام چيائين، ھن (به) سلام چيو، (دل ۾ ڄاتائين ته ھي) اوپرا ماڻھو آھن.

:26

پوءِ پنھنجي گھر وارن ڏانھن تکو ھليو ۽ ٿلھو گابو (پچائي) آندائين.

:27

پوءِ اھو انھن کي ويجھو ڪيائين چيائين ته ڇونه ٿا کائو؟

:28

پوءِ کائن دل ۾ ڊپ رکيائين، چيائون ته نه ڊڄ، ۽ اُن کي ھڪ داناءَ نينگر جي مبارڪ ڏنائون.

:29

پوءِ سنديس زال دانھن ڪندي سامھون آئي پوءِ پنھنجو منھن ڪٽيائين ۽ چيائين ته ٻڍڙي سنڍ (ڄڻيندي ڇا؟).

:30

چيائون ته ائين ئي تنھنجي پالڻھار فرمايو آھي، ڇوته اُھو حِڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.

:31

(ابراھيم) چيو ته اي قاصد‍ؤ اوھان جو ڪھڙو غرض آھي.

:32

چيائون ته بيشڪ اسين ھڪڙي ڏوھاري قوم ڏانھن موڪليا ويا آھيون.

:33

ته مٿن پڪي مٽيءَ جون گليليون وسايون.

:34

جي حد کان لنگھندڙن لاءِ تنھنجي پالڻھار وٽ نشان ڪيل آھن.

:35

پوءِ مؤمنن مان اتي جيڪو ھو تنھن کي ٻاھر ڪڍيوسون.

:36

پوءِ اُتي مسلمانن جي ھڪ گھر کانسواءِ (ٻيو ڪو گھر) نه ڏٺوسون.

:37

۽ جيڪي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڊڄندا آھن تن لاءِ اُتي (عبرت لاءِ) نشاني ڇڏي سون.

:38

۽ مُوسىٰ (جي قصّي) ۾ (به عِبرت آھي) جڏھن کيس پڌري دليل سان فرعون ڏانھن موڪليوسون.

:39

پوءِ ھن پنھنجي لشڪر سميت منھن موڙيو چيائين ته (ھي) جادوگر يا چريو آھي.

:40

تنھنڪري اُن کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيوسون پوءِ اُن کي ملامت وارو ڪري سمنڊ ۾ اُڇليوسون.

:41

۽ عاد جي (قصي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن اھڙو بي برڪتو واءُ موڪليوسون.

:42

جو جنھن شيء تي اچي پھچي تنھن کي ڳريل ھڏي وانگر ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏي.

:43

۽ ثمود (جي قصّي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن کين چيو ويو ته ھڪ مُدت تائين مزا ماڻيو.

:44

پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (مڃڻ) کان ھٺ ڪيائون تنھنڪري سندن ڏسندي کين (ھڪ) سخت ڪڙڪي ورتو.

:45

پوءِ نڪي اُٿي سگھيا ۽ نڪي وير وٺڻ وارا ھوا.

:46

۽ (ھن کان) اڳ نوح جي قوم (کي ھلاڪ ڪيوسون) بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھوا.

:47

۽ آسمان کي (پنھنجيءَ) قوت سان بڻايوسون ۽ بيشڪ اسين سگھارا آھيون.

:48

۽ زمين کي پکيڙيوسون جو چڱا پکيڙيندڙ آھيون.

:49

۽ سڀڪنھن شيءَ مان جوڙو جوڙو بڻايوسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.

:50

پوءِ الله ڏانھن ڀڄو، بيشڪ آءٌ سندس طرف کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

:51

۽ الله سان (ٻيو) ڪو معبُود نه ٺھرايو، بيشڪ آءٌ سندس پار کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

:52

اھڙي طرح جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن وٽ ڪوبه پيغمبر نه آيو پر چيائون ته جادوگر يا چريو آھي.

:53

ان (چوڻ) جي ھڪ ٻئي کي وصيت ڪندا آيا آھن ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نافرمان قوم آھن.

:54

تنھنڪري (اي پيغمبر) کائن منھن موڙ ھاڻي تون ميار وارو نه آھين.

:55

۽ سمجھاڻي ڏيندو رھ ڇوته سمجھائڻ مؤمنن کي نفعو ڏيندو آھي.

:56

۽ جِنّن ۽ ماڻھن کي رڳو پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيوسون.

:57

نڪي کائن ڪا روزي ٿو گھران ۽ نڪي گھران ٿو ته مون کي کارائين.

:58

بيشڪ الله ئي روزي ڏيندڙ آھي جو تمام سگھارو زبردست آھي.

:59

پوءِ بيشڪ جن ظلم ڪيو تن لاءِ سندن يارن جي سزا جھڙو عذاب (جو ڀاڱو) آھي پوءِ مون کان جلد (عذاب) نه گُھرن.

:60

پوءِ ڪافرن لاءِ اُن سندن ڏينھن کان خرابي آھي جنھن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو.