آل اسلام لائبريري

50 - The Letter "Qaf" - Qāf

:1

قٓ، سڳوري قرآن جو قسم آھي.

:2

بلڪ ھن ڳالھ ڪري عجب ۾ پيا ته اُنھن وٽ اُنھن مان (ئي) ھڪ ڊيڄاريندڙ آيو ته پوءِ ڪافرن چيو ته ھي عجب ڳالھ آھي.

:3

ڀلا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ٿينداسون، اھو وري جيئرو ٿيڻ (عقل کان) پري آھي.

:4

انھن مان جيڪي زمين گھٽائيندي آھي سو بيشڪ ڄاتو اٿون، ۽ اسان وٽ ھڪ حفاظت رکندڙ ڪتاب آھي.

:5

بلڪ سچو دين جڏھن وٽن آيو ته اُن کي ڪوڙ ڄاتائون پوءِ اُھي منجھيل ڪم ۾ آھن.

:6

پوءِ آسمان جو سندن مٿان آھي تنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا ته اُن کي ڪيئن بڻايو اٿون ۽ اُن کي (ڪيئن) سينگاريو اٿون ۽ اُن ۾ ڪا ڦوٽ نه آھي.

:7

۽ زمين کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل وڌاسون ۽ منجھس سڀڪنھن وڻندڙين جنسن مان سَلّا ڄماياسون.

:8

سڀڪنھن ورندڙ ٻانھي جي واٽ ڏيکارڻ ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ.

:9

۽ آسمان کان برڪت وارو پاڻي لاٿوسون پوءِ اُن سان باغ ۽ لڻڻ واري پوک جو اَن ڄمايوسون.

:10

۽ ڊگھيون کجيون (به) جن جا گوشا تہ ٿيل آھن.

:11

ٻانھن جي روزي (ڏيڻ) لاءِ ۽ اُن سان ويران شھر کي آباد ڪيوسون، ۽ اھڙي طرح (قبرن مان) نڪرڻ آھي.

:12

کائن اڳ نوح جي قوم ۽ رس (جي شھر) وارن ۽ ثمود (قوم) ڪوڙو ڀانيو.

:13

۽ عاد ۽ فرعون ۽ لُوط جي ڀائرن.

:14

۽ ايڪه وارن ۽ تُبّع جي قوم، ھر ھڪ پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو پوءِ (مٿن) منھنجي عذاب جو انجام لازم ٿيو.

:15

پھرين ڀيري (جي) خلقڻ ۾ (ڪو) ٿڪا آھيو ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نئين سر پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آھن.

:16

۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي پيدا ڪيوسون ۽ سندس نفس کيس جيڪو وسوسو وجھندو آھي سو ڄاڻندا آھيون، ۽ اسين ڏانھس (سندس) ساہ جي رڳ کان وڌيڪ ويجھا آھيون.

:17

جڏھن جو ٻه لکندڙ (ھڪ) سڄي پاسي کان ۽ (ٻيو) کٻي پاسي کان وھندڙ لکندا آھن.

:18

ڪا ڳالھ نه ڳالھائيندو آھي جنھن جي لاءِ وٽس ھڪ نگھبان موجود نه آھي.

:19

۽ موت جي سختي سچ پچ ايندي، (چئبو ته) اِھا اُھا شيءِ آھي جنھن کان پاسو ڪندو ھُئين.

:20

۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو، اھو عذاب جو ڏينھن آھي.

:21

۽ سڀڪو جيءَ ايندو جو ساڻس ھڪ ھڪليندڙ ۽ ھڪ شاھِد ھوندو.

:22

(چئبو ته) بيشڪ ھن (ڏينھن) کان بي خبريءَ ۾ ھُئين ھاڻي توکان تنھنجو پردو کوليوسون تنھنڪري اڄ تنھنجي نگاھ تِکي آھي.

:23

۽ سندس سنگتي (ملائڪ) چوندو ته جيڪي مون وٽ (لکيل) موجود ھو سو ھي آھي.

:24

(چئبو ته) اي ٻئي (ملائڪؤ) سڀڪنھن ناشڪر ھٺيلي کي دوزخ ۾ اُڇليو.

:25

(جو) خير کان جھليندڙ حد کان لنگھندڙ شڪ ڪندڙ آھي.

:26

جنھن الله سان ٻيو معبود ٺھرايو اھڙي (ھر ھڪ) کي سخت عذاب ۾ اُڇليو.

:27

سندس سنگتي (شيطان) چوندو ته اي منھنجا پالڻھار مون اُن کي گمراھ نه ڪيو ھو پر اُھو (پاڻ) وڏي گمراھيءَ ۾ (پيل) ھو.

:28

(الله) چوندو ته مون وٽ جھڳڙو نه ڪريو ھن ھوندي جو بيشڪ اوھان ڏانھن عذاب جو انجام (ھن کان) اڳي موڪليو ھوم.

:29

نڪي مون وٽ انجام ڦيرائبو آھي ۽ نڪي آءٌ ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو آھيان.

:30

جنھن ڏينھن دوزخ کي چونداسون ته ڀريو آھين (يا نه!) ۽ (دوزخ) چوندو ته (ٻيو به) ڪجھ (اڃا) ھن کان وڌيڪ آھي ڇا؟

:31

۽ بھشت پرھيزگارن لاءِ ويجھو ڪبو نه پري.

:32

(چئبو ته) جنھن جو اوھان کي سڀڪنھن (الله ڏانھن) رجوع ڪرڻ واري ۽ ادب نگاھ رکڻ واري لاءِ انجام ڏبو ھو سو ھي آھي.

:33

جيڪو پرپٺ ٻاجھاري (الله) کان ڊنو ۽ (الله ڏانھن) رجوع ٿيل دل سان آيو.

:34

(چئبو ته) سلامتيءَ سان بھشت ۾ گھڙو، اھو سدائين رھڻ جو ڏينھن آھي.

:35

جيڪي گھرندا سو منجھس انھن لاءِ (موجود) آھي ۽ اسان وٽ (اُن کان) وڌيڪ به آھي.

:36

۽ انھن کان اڳ ڪيترائي جُڳ ھلاڪ ڪياسون جي پڪڙ ۾ اُنھن کان به تمام ڏاڍا ھوا پوءِ شھرن ۾ ڳولا ڪرڻ لڳا، ته ڪا (بچڻ جي) واھ آھي؟

:37

بيشڪ انھيءَ ڳالھ ۾ اُنھي لاءِ نصيحت آھي جنھن کي دل ھجي يا جو دل لائي ڪن ڏئي.

:38

۽ بيشڪ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايوسون، ۽ اسان کي ڪو ٿَڪ نه ٿيو.

:39

پوءِ (اي پيغمبر) جيڪي (ڪافر) چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ لھڻ کان اڳ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان بيان ڪر.

:40

۽ ڪجھ (مھل) رات جو الله کي پاڪائيءَ سان ساراھ ۽ نماز کان پوءِ به.

:41

۽ (ھي ڳالھ) ٻُڌ ته جنھن ڏينھن ويجھي ھنڌ کان سڏيندڙ سڏيندو.

:42

جنھن ڏينھن سچ پچ سخت ھَڪل ٻُڌندا، اُھو (قبرن مان) نڪرڻ جو ڏينھن آھي.

:43

بيشڪ اسين جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسان ڏانھن موٽڻ آھي.

:44

جنھن ڏينھن زمين انھن کان ڦاٽندي (تنھن ڏينھن) تڪڙا وڃڻ وارا ھوندا، اِھو گڏ ڪرڻ اسان کي آسان آھي.

:45

جيڪي (ڪافر) چوندا آھن سو اسين چڱي طرح ڄاڻندا آھيون ۽ تون مٿن (ڪو) ڏاڍ ڪرڻ وارو نه آھين، پوءِ جيڪو منھنجي عذاب جي ڌمڪيءَ کان ڊڄي تنھن کي قرآن سان سمجھاءِ.