86 - The Nightcommer - Aţ-Ţāriq
:1
آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي.
:2
۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟
:3
(اُھو) چمڪندڙ تارو آھي.
:4
ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي.
:5
تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي.
:6
ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس.
:7
جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي.
:8
بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي.
:9
جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا.
:10
پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس).
:11
۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي.
:12
۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي.
:13
ته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي.
:14
۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي.
:15
بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا.
:16
۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو.
:17
پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي.