آل اسلام لائبريري

72 - The Jinn - Al-Jinn

:1

(اي پيغمبر) چؤ ته مون ڏانھن (ھن ڳالھ جو) وحي موڪليو ويو ته جِنّن مان ھڪ ٽوليءَ (قرآن) ٻڌو پوءِ چيائون ته بيشڪ اسان ھڪ عجيب قرآن ٻڌو.

:2

جو سڌي رستي ڏانھن ڏس ڏئي ٿو تنھنڪري ان تي ايمان آندوسون، ۽ پنھنجي پالڻھار سان ڪنھن ھڪڙي کي شريڪ ھرگز نه ڪنداسون.

:3

۽ (بيان ڪرڻ لڳا) ته اسان جي پالڻھار جو شان تمام وڏو آھي نڪي ڪو زال ۽ اولاد رکيو اٿس.

:4

۽ ھي ته الله جي نسبت ۾ اسان مان بيوقوف ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو ٿي.

:5

۽ ھي ته اسان ڀانيو ھو ته اسان ۽ جنّ ڪڏھن الله تي ڪوڙ نه چوندا.

:6

۽ ھي ته ماڻھن مان ڪيترا مڙس جنّن جي مڙسن جي سام پوندا ھوا پوءِ ماڻھن جنّن (جي حق) ۾ (ھٿئون) وڏائي وڌائي.

:7

۽ ھي ته (اي جنّو) ماڻھن اھڙو گمان ڪيو ھو جھڙو اوھان گمان ڪيو ھو ته الله ھرگز ڪنھن کي پيغمبر ڪري نه موڪليندو.

:8

۽ ھي ته اسان آسمان کي جاچيو پوءِ ڏٺوسونس ته سخت چوڪيدارن ۽ اُلانبن سان ڀرجي ويو آھي.

:9

۽ ھي ته اسان (اڳي) آسمان جي (گھڻن) رستن تي (ملائڪن جي گفتگو) ٻڌڻ لاءِ وھندا ھواسين، پوءِ جيڪو ھاڻي ڪن ڏيندو آھي سو پاڻ لاءِ تيار ٿيل اُلانبي وارو تارو ڏسندو آھي.

:10

۽ ھي ته اسين نه ٿا ڄاڻون ته جيڪي زمين ۾ آھن تن لاءِ ڪنھن مدائي جو ارادو ڪيو ويو آھي يا انھن لاءِ سندن پالڻھار ڪو چڱائي جو ارادو ڪيو آھي.

:11

۽ ھي ته ڪي اسان مان سڌريل آھن ۽ اسان مان ڪي اُن کانسواءِ (به) آھن، (اسين) مختلف ٽوليون ٽوليون ھواسون.

:12

۽ ھي ته اسان ڄاتو ته زمين ۾ الله کي ڪڏھن به ٿَڪائي نه سگھنداسون ۽ نڪي ڀڄي ڪڏھن ٿَڪائي سگھنداسونس.

:13

۽ ھي ته جڏھن اسان ھدايت (جي ڳالھ) ٻڌي (تڏھن) اُن تي ايمان آندوسون، پوءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيندو سو نڪي ڪنھن نقصان کان ۽ نڪي ڪنھن ظلم کان ڊڄندو.

:14

۽ ھي ته اسان مان ڪي مسلمان آھن ۽ اسان مان ڪي گنھگار آھن، پوءِ جيڪي مُسلمان ٿيا تن سِڌي واٽ جي نيت ڪئي.

:15

۽ گنھگار سي دوزخ جي ڪاٺيون ھوندا.

:16

۽ (اي پيغمبر) ھيءَ (به چؤ ته مون ڏانھن موڪليو ويو آھي) ته جيڪڏھن ماڻھو سڌيءَ واٽ تي بيھڪ وٺن ھا ته ضرور انھن (جي پوکن) کي گھڻو پاڻي پياريون ھا.

:17

ته اُن ۾ کين پرکيون ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان مُنھن موڙيندو تنھن کي (الله) سخت عذاب ۾ ڦاسائيندو.

:18

۽ ھي ته سڀ مسجدون (خاص) الله جون آھن تنھنڪري الله سان گڏ ڪنھن جي عبادت نه ڪريو.

:19

۽ ھي ته جنھن مھل الله جو ٻانھو (ﷴ ﷺ) بيٺو ته سندس عبادت ڪري تنھن مھل جنّ مٿس ڳاھٽ ڪرڻ تي ھوا.

:20

چؤ ته آءٌ رڳو پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪريان ٿو ۽ ڪنھن ھڪڙي کي ساڻس شريڪ نه ٿو ڪريان.

:21

چؤ ته بيشڪ آءٌ اوھان کي ڏک پھچائڻ ۽ سنئي رستي تي آڻڻ جو وس نٿو رکان.

:22

چؤ ته بيشڪ مون کي الله (جي عذاب) کان ڪوبه نه بچائيندو، ۽ اُن کانسواءِ ڪا پناھ ڪڏھن نه لھندس.

:23

مگر الله جي پار کان خبر پھچائڻي آھي ۽ سندس پيغام پھچائڻا آھن ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي نافرماني ڪندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باھ آھي جنھن ۾ سدائين رھندا.

:24

(ايستائين غفلت ۾ رھندا) جيسين ڪه جيڪو اُنھن کي انجام ڏجي ٿو سو ڏسن پوءِ ڄاڻندا ته مددگار جي ڪري وڌيڪ ھيڻو ۽ ڳاڻيٽي جي ڪري تمام ٿورو ڪير آھي.

:25

(کين) چؤ ته آءٌ نه ٿو ڄاڻان ته جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سو (الائي) ويجھو آھي يا منھنجو پالڻھار اُن جي ڪا (ٻي) مُدت مُقرر ڪندو.

:26

(اُھو) ڳُجھ جو ڄاڻندڙ آھي پوءِ پنھنجي ڳجھ تي ڪنھن ھڪڙي کي واقف نه ڪندو آھي.

:27

سواءِ انھيءَ جي جو جنھن پيغمبر کي پسند ڪيائين بيشڪ الله سندس اڳتان ۽ سندس پوئتان نگھبان (ملائڪ) موڪليندو آھي.

:28

(ھن لاءِ) ته ڄاڻي ته پنھنجي پالڻھار جا حُڪم سچ پچ پھچايا اٿن ۽ جيڪي وٽن آھي تنھنکي الله ھر طرح پنھنجي وس رکيو آھي ۽ سڀڪنھن شيءَ جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو اٿس.