آل اسلام لائبريري

56 - The Inevitable - Al-Wāqi`ah

:1

جڏھن قيامت ايندي.

:2

جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آھي.

:3

ڪن کي جھڪي ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿاھين ڪرڻ واري.

:4

جڏھن زمين سخت ڌوڏبي.

:5

۽ جبل پوري طرح ڀڃي پڻي ڪيا ويندا.

:6

پوءِ اُڏاريل دُز وانگر ٿيندا.

:7

۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ.

:8

پوءِ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا ته چڱا ھوندا.

:9

۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (ته) بدحال ھوندا؟

:10

۽ (چڱاين ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا اڳي ٿيڻ وارا.

:11

اھي (ئي) مقرب آھن.

:12

نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا.

:13

گھڻا پھرين مان.

:14

۽ ٿورا پوين مان.

:15

(سون سان) اُڻيل تخت تي.

:16

ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا.

:17

ھميشه رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ايندا ويندا.

:18

آبخورن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالا (آڻيندن).

:19

(اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ھوندا.

:20

۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جتان وڻندن.

:21

۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پيو) گھرين.

:22

۽ وڏين اکين وارون حورون.

:23

(ڄڻڪ) ڍڪيل موتين جھڙيون.

:24

جيڪي ڪمايو ھوائون تنھنجي بدلي ۾.

:25

اتي نڪا اجائي بَڪ نڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا.

:26

پر ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو.

:27

۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا.

:28

لاسڙين ٻيرين ۾.

:29

۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن ۾.

:30

۽ ڊگھن پاڇن ۾.

:31

۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻي ۾.

:32

۽ گھڻن ميون ۾.

:33

نڪي کُٽندا ۽ نڪي (کائن) جھلبا.

:34

۽ اُچا وڇاڻا.

:35

بيشڪ اسان حورن کي ھڪ نموني تي پيدا ڪيو آھي.

:36

پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون.

:37

مڙسن کي وڻندڙ ھڪ جيڏيون.

:38

سڄي پاسي وارن لاءِ.

:39

گھڻي جماعت پھرين مان آھي.

:40

۽ گھڻي جماعت پوين مان آھي.

:41

۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا بدحال ھوندا.

:42

ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا.

:43

۽ ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ ھوندا.

:44

جو نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي سھائيندڙ.

:45

بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پيل ھوا.

:46

۽ وڏي گناھ (شرڪ) تي ضد ڪندا ھوا.

:47

۽ چوندا ھوا ته، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟

:48

يا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا.

:49

(اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اڳيان ۽ پويان.

:50

ھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا.

:51

وري بيشڪ اوھين اي گمراھو ڪوڙ ڀائيندڙؤ.

:52

ضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ.

:53

پوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ.

:54

پوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ.

:55

پوءِ اُڃايل اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ.

:56

قيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي.

:57

اسان اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇونه سچ ڀائيندا آھيو.

:58

ڀلا ڏسو ته سھي ته جيڪا مني وجھندا آھيو.

:59

تنھن مان اوھين خلقيو ٿا ڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟

:60

اسان اوھان ۾ موت مقرّر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نه آھيون.

:61

ته اوھان جھڙن کي مٽائي پيدا ڪريون ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون جنھن کي ڄاڻندا ئي ئي نه ھجو.

:62

۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو؟

:63

ڏسو ته سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو.

:64

سو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا يا اسين ڄمائيندا آھيون؟

:65

جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو.

:66

(۽ پيا چئو) ته بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پئجي وياسون.

:67

بلڪ اسين بي نصيب آھيون.

:68

ڀلا ڏسو ته سھي جيڪو پاڻي پيئندا آھيو.

:69

اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟

:70

جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇونه شڪرانو ڪندا آھيو؟

:71

ڀلا ڏسو ته سھي ته جا باھ ٻاريندا آھيو.

:72

تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھيو آھي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون.

:73

اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي.

:74

تنھنڪري پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر.

:75

پوءِ تارن جي ڪِرڻ جي جاءِ جو قسم کڻان ٿو.

:76

۽ جيڪڏھن ڄاڻو ته بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي.

:77

بيشڪ اھو سڳورو قرآن آھي.

:78

لڪل ڪتاب ۾ لکيل آھي.

:79

پاڪائيءَ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نه لائيندو آھي.

:80

جھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي.

:81

پوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ سُستي ڪرڻ وارا آھيو ڇا.

:82

۽ اُن کي ڪوڙ ڀانئين پنھنجو حصّو ڪريو ٿا.

:83

پوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نر گھٽ وٽ پھچي.

:84

۽ اوھين انھيءَ مھل پيا ٿا ڏسو.

:85

۽ اسين اوھان جي به نسبت اُن ڏانھن تمام ويجھا آھيون پر اوھين نه ڏسندا آھيو.

:86

پوءِ جيڪڏھن (اوھين خدا جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نه آھيو.

:87

ته جيڪڏھن سچا آھيو ته روح کي ڇو نه موٽايو.

:88

پوءِ جيڪڏھن (مئل الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو.

:89

ته اُن لاءِ خوشي ۽ سُرھاڻ ۽ نعمت وارو باغ آھي.

:90

۽ جيڪڏھن سڄي پاسي وارن مان ھوندو.

:91

ته سڄي پاسي وارن مان توکي سلامتي آھي.

:92

پر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو.

:93

ته (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني.

:94

۽ دوزخ ۾ گھيڙڻ آھي.

:95

بيشڪ ھي خبر پوري يقيني آھي.

:96

تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.