آل اسلام لائبريري

53 - The Star - An-Najm

:1

ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي.

:2

ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو.

:3

۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي.

:4

ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي.

:5

اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي.

:6

جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو.

:7

۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو.

:8

وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو.

:9

پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو.

:10

پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين.

:11

جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو.

:12

جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟

:13

۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين.

:14

سِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ.

:15

اُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي.

:16

جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي.

:17

(پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي.

:18

بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين.

:19

لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟

:20

۽ پوئين ٽين منات کي به؟

:21

ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون.

:22

اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي.

:23

اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي.

:24

ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟

:25

پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي.

:26

۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي.

:27

بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن.

:28

۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي.

:29

پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين.

:30

اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

:31

۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي.

:32

جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو.

:33

(اي پيغمبر) ڇا پوءِ ڏٺو اٿئي انھي کي جيڪو ڦريو.

:34

۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو.

:35

وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀ ڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي.

:36

اُنھيءَ جي خبر کيس نه ڏني وئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي.

:37

۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي حَقن کي) پورو ڪيو.

:38

(ھيُ حُڪم) ته ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو.

:39

۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين.

:40

۽ ته سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي.

:41

وري کيس تمام پورو بدلو (انھي ڪمائي موجب) ڏنو ويندو.

:42

۽ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي.

:43

۽ ته اُن کلايو ۽ رئاريو.

:44

۽ ته اُن ماريو ۽ جياريو.

:45

۽ ته اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو.

:46

منيءَ جي ھڪ ڦڙي مان جڏھن (ڳڀيرڻ ۾) ھاريو وڃي.

:47

۽ ته اُن تي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ لازم آھي.

:48

۽ ته اُن آسودو ڪيو ۽ موڙي ڏنائين.

:49

۽ ته اُھو ئي شِعۡرىٰ تاري جو پالڻھار آھي.

:50

۽ ته اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو.

:51

۽ ثمود کي (به) پوءِ انھن مان (ڪنھين کي) باقي نه ڇڏيائين.

:52

۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي به ھلاڪ ڪيائين، ڇوته اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھوا.

:53

۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين.

:54

پوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو.

:55

پوءِ اي ماڻھو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ شڪ ٿو ڪرين.

:56

ھي (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي.

:57

ويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آھي.

:58

اُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي.

:59

ھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟

:60

۽ کلندا آھيو ۽ نه رئندا آھيو.

:61

۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو.

:62

پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو.