آل اسلام لائبريري

44 - The Smoke - Ad-Dukhān

:1

حٰمٓ.

:2

(ھن) پڌريءَ ڪتاب جو قسم آھي.

:3

ته بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي برڪت واريءَ رات ۾ لاٿو بيشڪ اسين ڊيڄاريندڙ ھواسون.

:4

اُن (برڪت واريءَ رات) ۾ سڀڪو ڪم حڪمت وارو فيصل ڪبو آھي.

:5

(اھو) پاڻ وٽان (پنھنجي) حڪم سان (لاٿوسون) بيشڪ اسين (ئي پيغمبر کي) موڪلڻ وارا ھواسون.

:6

تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سبب (اُن کي لاٿوسون)، بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

:7

(جو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين وسھندڙ آھيو (ته وسھو).

:8

اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي (جو) جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي (اُھوئي) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پين ڏاڏن جو پالڻھار آھي.

:9

بلڪ ڪافر (قيامت) کان شڪ ۾ آھن جو راند ڪندا آھن.

:10

پوءِ جنھن ڏينھن آسمان پڌرو دونھون آڻيندو (تنھن ڏينھن جو) تون انتظار ڪڍ.

:11

جو ماڻھن کي ويڙھي ويندو، اھو ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

:12

(پوءِ چوندا ته) اي اسان جا پالڻھار اسان کان اِھو عذاب ٽار (جو) بيشڪ اسين مُسلمان ٿيون ٿا.

:13

کين نصيحت وٺڻي ڪيئن ٿيندي حالانڪ بيشڪ وٽن پڌرو پيغمبر آيو ھو.

:14

وري کانئس مُنھن موڙيائون ۽ چيائون (ٿي) ته (ھيءُ) ماڻھو سيکاريل (۽) چريو آھي.

:15

بيشڪ اسين ٿورو (وقت) عذاب ٽارڻ وارا آھيون بيشڪ اوھين (وري ڪُفر ۾) ڦِرڻ وارا آھيو.

:16

جنھن ڏينھن تمام وڏي پڪڙ ڪنداسون (تنھن ڏينھن) بيشڪ اسين بدلو وٺڻ وارا آھيون.

:17

۽ بيشڪ کائن اڳ فرعون جي قوم جي آزمائش ڪئي سون ۽ وٽن (ھن ڳالھ سان) سڳورو پيغمبر آيو.

:18

ته الله جي ٻانھن کي منھنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ امانت دار پيغمبر (آيو) آھيان.

:19

۽ (چوڻ آيو آھيان) ته الله جي آڏو ھٺ نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ پڌري حُجت آڻيندس.

:20

۽ بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار جي پناھ ورتي ته (متان) مون کي پھڻن سان ماريو.

:21

۽ جيڪڏھن مون تي ايمان نه آڻيو ته مون کان پاسو ڪريو.

:22

پوءِ پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته ھيءَ ڏوھاري قوم آھن.

:23

پوءِ (حُڪم ڪيوسون ته) منھنجن ٻانھن کي راتو رات وٺي نڪر جو اوھان جي پٺيان پوندا.

:24

۽ (تون) سمنڊ کي سڪل ڇڏ، بيشڪ اُھي ٻڏڻ وارا لشڪر آھن.

:25

باغ ۽ تلاءَ گھڻائي ڇڏيائون.

:26

۽ پوکون ۽ خاصيون جايون (به).

:27

۽ اُھي نعمتون (به) جنھن ۾ مزا ماڻيندا ھوا.

:28

اھڙي طرح (ٿيو)، ۽ ٻي قوم کي انھن (وسلن) جو وارث ڪيوسون.

:29

پوءِ مٿن آسمان ۽ زمين نه رُنو ۽ نڪي اُنھن کي مُلت ڏني ويئي.

:30

۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي خوار ڪندڙ عذاب کان بچايوسون.

:31

جو فرعون کان (پھچندو) ھونِ، بيشڪ اُھو ھٺيلو حد کان لنگھندڙن مان ھو.

:32

۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي ڄاڻي واڻي (ساري) جھان وارن کان پسند ڪيوسون.

:33

۽ کين اُھي مُعجزا ڏناسون جن ۾ پڌري آزمائش ھئي.

:34

بيشڪ اُھي (مُشرڪ) چوندا آھن.

:35

ته (اسان جي پڄاڻي) رڳو اسان جو (ھيءُ) پھريون موت آھي ۽ اسين وري نه اُٿارباسون.

:36

جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (جياري) آڻيو.

:37

اُھي ڀلا آھن يا تبع (حميري) جي قوم ۽ جيڪي کائن اڳ ھوا سي؟ اُنھن (سڀني) کي ناس ڪيوسون، بيشڪ اُھي ڏوھاري ھوا.

:38

۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي سو راند ڪري نه بڻايوسون.

:39

انھن کي پوريءَ رِٿ کانسواءِ نه بڻايوسون پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.

:40

بيشڪ انھن مڙني جو انجام نبيري جو ڏينھن آھي.

:41

جنھن ڏينھن ڪوبه دوست ڪنھن دوست کان ڪجھ به (عذاب) نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي.

:42

سواءِ اُنھيءَ جي جنھن تي الله رحم ڪيو، بيشڪ الله ئي غالب مھربان آھي.

:43

بيشڪ ٿوھر جو وڻ.

:44

گنھگار جو کاڄ آھي.

:45

پگھريل ٽامي جان، پيٽن ۾ ٽچڪندو.

:46

تَتل پاڻي جي ٽچڪڻ وانگر.

:47

(ملائڪن کي چونداسون ته) ھن (ڏوھيءَ کي پڪڙيو) ۽ دوزخ جي وچ ڏانھن گھليوس.

:48

وري سندس مٿي تي تَتل پاڻي ھاريو جو (اِھو) عذاب (اٿس).

:49

(چئبس ته اِھا سزا) چَک ڇوته تون (پنھنجي گمان ۾) سگھورو مان وارو آھين.

:50

بيشڪ ھيءُ اُھو عذاب آھي جنھن ۾ اوھين شڪ ڪندا ھئو.

:51

بيشڪ پرھيزگار امن واريءَ جاءِ ۾ ھُوندا.

:52

باغن ۽ تلاون ۾.

:53

سنھي پَٽ جا (ڪپڙا) ۽ ٿُلھي پَٽ جا (ڪپڙا) ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي ڍڪندا.

:54

(سندن حال) ائين ھوندو، ۽ کين وڏين (سھڻين) اکين واريون حورون پرڻائينداسون.

:55

منجھس سڀڪو ميوو گھرندا اھڙي حال ۾ جو امن وارا ھوندا.

:56

پھرين موت کانسواءِ (جو دنيا ۾ مري چڪا) اتي (ٻيو) موت نه چکندا، ۽ (الله) کين دوزخ جي عذاب کان بچايو.

:57

تنھنجي پالڻھار جي فضل سبب، اھائي وڏي مراد ماڻڻ آھي.

:58

قرآن کي تنھنجيءَ ٻوليءَ ۾ آسان ڪيوسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.

:59

پوءِ (تون) انتظار ڪڍ بيشڪ اُھي به انتظار ڪڍڻ وارا آھن.