آل اسلام لائبريري

37 - Those who set the Ranks - Aş-Şāffāt

:1

(پنھنجي پالڻھار وٽ) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.

:2

پوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن) کي ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.

:3

پوءِ (قرآن) پڙھڻ واري جماعت جو قسم آھي.

:4

ته اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي.

:5

(جو اُھو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي ۽ (اُھو) اُڀرڻ (۽ لَھڻ) وارن طرفن جو (به) پالڻھار آھي.

:6

بيشڪ اسان دُنيا جي آسمانن کي تارن جي سونھن سان سينگاريو.

:7

۽ سڀڪنھن سرڪش شيطان کان (انھيءَ) کي نگاھ رکيوسون.

:8

ته (شيطان) مَلَاءِ الۡاَعۡلىٰ ڏانھن ڪن ڏيئي (ڳالھيون) نه ٻڌن ۽ سڀڪنھن طرف کان (اُنھن ڏانھن) اُماڙيون اُڇلبيون آھن.

:9

(اُنھن جي) تڙڻ لاءِ ۽ اُنھن لاءِ ھميشه جو عذاب آھي.

:10

پر جنھن (چوريءَ ڪن ڏئي مَلَاءِاَعۡلىٰ جي ڳالھين مان ڪنھن ڳالھ کي) جھٽيو تنھن جي پوئتان ٻرندڙ اُماڙي پوندي آھي.

:11

پوءِ کانئن پُڇ ته اُھي پيدا ڪرڻ ۾ تمام مشڪل آھن ڇا يا (ذڪر ڪيل شيون) جن کي اسان بڻايو آھي؟ بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان بڻايو.

:12

بلڪ (ڪافرن جي حال کان) عجب ڪيئي ۽ اُھي ٺـٺوليون ڪندا آھن.

:13

۽ جڏھن سمجھائبو اٿن (تڏھن) نه سمجھندا آھن.

:14

۽ جڏھن (ھو) ڪا نشاني ڏسن (تڏھن) ٺـٺوليون ڪندا آھن.

:15

۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو پڌرو جادو آھي.

:16

ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (جيئرا ٿي) کڙا ٿينداسون ڇا؟

:17

اسان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا به (اٿاربا) ڇا؟

:18

چؤ ته ھائو (اُٿاربا) حالانڪ اوھين خوار ھوندؤ.

:19

پوءِ اُھو (کڙو ٿيڻ) رڳو ھڪ سخت جھڻڪار ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي ڏسڻ لڳندا.

:20

۽ چوندا ته ھيء ارمان اسان لاءِ ھي بدلي (وٺڻ) جو ڏينھن آھي.

:21

(چئبن ته) نبيري جو ڏينھن جنھن کي اوھين ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ سو ھي آھي.

:22

(چئبو ته اي ملائڪو) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا

:23

تن کي گڏ ڪريو پوءِ کين دوزخ جي واٽ ڏانھن ڏس ڏيو.

:24

۽ کين ترسايو جو بيشڪ کانئن پڇبو.

:25

(ته) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟

:26

بلڪ اُھي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آھن.

:27

۽ ڪي ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.

:28

(ماڻھو پنھنجن سردارن کي) چوندا ته بيشڪ اوھين (گمراھ ڪرڻ لاءِ) سڄي (۽ کٻي) پاسي کان اسان وٽ ايندا ھُيؤ.

:29

(سردار) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھين پاڻ مُسلمان نه ھُيؤ.

:30

۽ اوھان تي اسان جو ڪو زور نه (ھلندو) ھو، بلڪ (اوھين) پاڻ حد کان لنگھيل قوم ھُيؤ.

:31

پوءِ اسان تي اسان جي پالڻھار جو چوڻ ثابت ٿيو ته بيش اسين (عذاب) چکندڙ ھُجون.

:32

پوءِ اوھان کي گمراھ ڪيوسون جو بيشڪ اسين (پاڻ) به گمراھ ھواسون.

:33

پوءِ بيشڪ اُھي اُنھيءَ ڏينھن عذاب ۾ ھڪ ٻئي سا گڏ شريڪ ھوندا.

:34

بيشڪ اسين ڏوھارين سان اھڙي طرح ڪندا آھيون.

:35

بيشڪ اُھي (اھڙا) ھوا جو جڏھن کين چئبو ھو ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (تڏھن) وڏائي ڪندا ھوا.

:36

۽ چوندا ھوا ته اسان ھڪ چريي شاعر جي (چوڻ) تي پنھنجن معبودن کي ڇڏينداسون ڇا؟

:37

بلڪ (پيغمبر ﷴ ﷺ) سچ (يعني قرآن) آندو ۽ (سڀني) پيغمبرن کي سچو ڄاتائين.

:38

بيشڪ اوھين ڏکوئيندڙ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آھيو.

:39

۽ جيڪي ڪندا ھئو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو بدلو نه ڏبؤ.

:40

پر الله جا خاص ٻانھا (عذاب کان بچندا).

:41

اُنھن لاءِ روزي مُقرّر (ٿيل) آھي.

:42

(قسمين) ميوا، ۽ اُھي عزت وارا آھن.

:43

نعمت وارن باغن ۾.

:44

تختن تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺل ھوندا.

:45

وھندڙ شراب جو پيالو مٿن پيو ڦيرائبو.

:46

جو (بلڪل) اڇو پيئندڙن لاءِ مزيدار ھوندو.

:47

نڪي منجھس مٿي جي ڦيري ھوندي ۽ نڪي اُھي کانئس نشي وارا ٿيندا.

:48

۽ وڏين اکين واريون ھيٺ نھاريندڙيون (زالون) وٽن ھونديون.

:49

ڄڻڪ اُھي (حورون) ڍَڪيل آنا آھن.

:50

پوءِ ڪي (ماڻھو) ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.

:51

منجھانئن ڪو چوندڙ چوندو ته بيشڪ (دنيا ۾) منھنجو ھڪ سنگتي ھو.

:52

جو چوندو ھو ته تون (قيامت جو) مڃيندڙ ٿيو آھين ڇا؟

:53

ھا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسان کي بدلو ڏنو ويندو ڇا؟

:54

(وري اُھو) چوندو ته اوھين (به دوزخين کي) ڏسو ٿا ڇا؟

:55

پوءِ (پاڻ) جھاتي پائيندو ته اُھو (سنگتي) دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو.

:56

چوندو ته الله جو قسم ته تو مونکي ذري گھٽ ھلاڪ ٿي ڪيو.

:57

۽ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار (جو مون تي) فضل نه ٿئي ھا ته بيشڪ آءٌ (به عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجان ھا.

:58

بيشڪ اسين نڪي (ھاڻي وري) مرڻ وارا آھيون.

:59

(اھو) رڳو اسان جو پھريون مرڻ ھو (جو ٿي چڪو) ۽ نڪي عذاب ڪيل آھيون.

:60

بيشڪ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

:61

اھڙي (نعمت) لاءِ ڀلي ته عمل ڪندڙ عمل ڪن.

:62

ڀلا اِھا (بيان ڪيل نعمت) مھمانيءَ طور ڀلي آھي يا ٿوھر جو وڻ؟

:63

بيشڪ اسان اِن (وڻ) کي ظالمن جي لاءِ عذاب ٺھرايو آھي.

:64

بيشڪ اِھو ھڪ وڻ آھي جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آھي.

:65

اُن جا گوشا ڄڻڪ شيطانن جون سِسيون آھن.

:66

پوءِ بيشڪ دوزخي اُن مان کائيندا پوءِ منجھانئس پيٽ ڀريندا.

:67

وري اُنھن لاءِ اُن (کاڄ) تي ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوت ھوندي.

:68

وري بيشڪ کائڻ پيئڻ کانپوءِ سندن موٽڻ دوزخ ڏانھن ھوندو.

:69

بيشڪ اُنھن پنھنجن پيءُ ڏاڏن کي گمراھ ڏٺو.

:70

تنھنڪري اُھي (به) سندن پيرن تي ڊوڙن ٿا.

:71

۽ بيشڪ کانئن اڳ اڳين مان گھڻا گمراھ ٿيا ھوا.

:72

۽ بيشڪ منجھن ڊيڄاريندڙ موڪليا ھواسون.

:73

پوءِ نھار ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪئن ٿي؟

:74

پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جي پڇاڙي چڱي ٿي).

:75

۽ بيشڪ نوح اسان کي سڏيو پوءِ چڱا (دُعا کي) قبول ڪندڙ آھيون.

:76

۽ کيس ۽ سندس (تعلق وارن) ماڻھن کي وڏي مصيبت کان بچايوسون.

:77

۽ (فقط) سندس اولاد کي ئي باقي رھندڙ ڪيوسون.

:78

۽ پوين ۾ اُن لاءِ (چڱي يادگيري) ڇڏي سون.

:79

ساري جَڳ ۾ نوح تي شال سلام ھجي.

:80

بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.

:81

بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.

:82

وري ٻـين کي ٻوڙيوسون.

:83

۽ بيشڪ نوح جي پيروري ڪندڙن مان ابراھيم ھو.

:84

(ياد ڪر) جڏھن (ھو) پنھنجي پالڻھار وٽ سالم دِل سان آيو.

:85

(ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھان ڇاکي پوڄيندا آھيو؟

:86

الله کانسواءِ ھٿرادو ٺھيل معبودن کي گھرو ٿا ڇا؟

:87

پوءِ جھانن جي پالڻھار بابت اوھان جو ڪھڙو گُمان آھي؟

:88

پوءِ تارن ۾ ھڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين.

:89

پوءِ چيائين ته آءٌ بيمار ٿيندس.

:90

پوءِ کانئس پُٺي ڏيئي ڦِريا.

:91

پوءِ سندن معبودن ڏانھن منھن ڪيائين ته اوھين ڇونه ٿا کائو؟

:92

اوھان کي ڇا (ٿيو آھي) جو نه ٿا ڳالھايو؟

:93

پوءِ سڄي ھٿ (يعني زور) سان مٿن ڏاڍا ڌَڪ ھڻڻ لڳو.

:94

پوءِ (قوم وارا) ڏانھس ڊوڙندا سامھون آيا.

:95

(کين) چيائين ته جنھن کي اوھين (پاڻ) گھَڙيندا آھيو تنھن کي ڇو پوڄيندا آھيو؟

:96

ھن ھوندي جو الله اوھان کي ۽ جيڪي اوھين ڪريو ٿا تنھن کي پيدا ڪيو.

:97

(ھڪ ٻئي کي) چيائون ته ابراھيم لاءِ اڏاوت اڏيو پوءِ کيس (باھ جي) آڙاھ ۾ اُڇليو.

:98

پوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ کين تمام زير ڪيوسون.

:99

۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي).

:100

اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر.

:101

پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون.

:102

پوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين.

:103

پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو.

:104

۽ کيس سڏيوسون ته اي ابراھيم.

:105

بيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.

:106

بيشڪ اِھا پڌري پرک آھي.

:107

۽ ذُبح جي وڏي جانور سان اُن جو عوض ڏنوسون.

:108

۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.

:109

ابراھيم تي شال سلام ھجي.

:110

ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.

:111

بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.

:112

۽ کيس اسحٰق جي خوشخبري ڏني سون جو صالحن مان ھڪڙو نبي آھي.

:113

۽ ابراھيم تي ۽ اسحٰق تي برڪت نازل ڪئي سون، ۽ ٻنھي جي اولاد مان ڪي چڱا آھن ۽ ڪي پاڻ تي پڌرو ظلم ڪندڙ آھن.

:114

۽ بيشڪ موسىٰ ۽ ھارون تي احسان ڪيوسون.

:115

۽ کين ۽ سندن قوم کي وڏي سختيءَ کان بچايوسون.

:116

۽ کين مدد ڏني سون پوءِ اُھي غالب رھيا.

:117

۽ کين پڌرو ڪتاب ڏنوسون.

:118

۽ کين سِڌي رستي لاتوسون.

:119

۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) انھن لاءِ ڇڏي سون.

:120

مُوسىٰ ۽ ھارون تي شال سلام ھجي.

:121

بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون.

:122

بيشڪ اُھي (ٻئي) اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھن.

:123

۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان ھو.

:124

جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟

:125

ڇو بَعل کي پوڄيندا آھيو ۽ تمام چڱي خلقيندڙ کي ڇڏيندا آھيو؟

:126

(جو) الله اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پِين ڏاڏن جو پالڻھار آھي.

:127

پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري اُھي بيشڪ (دوزخ ۾) حاضر ڪيل آھن.

:128

پر الله جا خاص ٻانھا (ڇٽل آھن).

:129

۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.

:130

الياس تي شال سلام ھجي.

:131

بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.

:132

بيشڪ اُھو اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھي.

:133

۽ بيشڪ لُوط پيغمبرن مان ھو.

:134

(ياد ڪر) جڏھن اُن کي ۽ سندس مڙني گھر وارن کي بچايوسون.

:135

سواءِ ھڪڙي ڪراڙي زال جي جا پُٺ تي رھندڙن مان ٿي.

:136

وري (ھنن) ٻـين کي ھلاڪ ڪيوسون.

:137

۽ بيشڪ اوھين انھن (جي ڳوٺن) وٽان صبح جو لنگھندا آھيو.

:138

۽ رات جو (به) پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟

:139

۽ بيشڪ يُونس پيغمبرن مان ھو.

:140

جڏھن (ھو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن ڀڳو.

:141

پوءِ (ٻيڙي وارن سان) پُکو وڌائين ته (پاڻ) پُکي پيلن مان ٿيو.

:142

پوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ اُھو (اھڙو ڪم ڪندڙ ھو جو) ملامت جو لائق ھو.

:143

پوءِ اُھو جيڪڏھن تسبيح چوندڙن مان نه ھجي ھا.

:144

ته اُنھي ڏينھن تائين جنھن ۾ (ماڻھو) اُٿارجن اُن جي پيٽ ۾ رھي ھا.

:145

پوءِ کيس صاف پَٽ ۾ اُڇليوسون ۽ اُھو بيمار ھو.

:146

۽ مٿس وڻ ڪدوءَ (جي قِسم) مان ڄمايوسون.

:147

۽ کيس (ھڪ) لک يا (اُن کان) وڌيڪ (ماڻھن) ڏانھن موڪليوسون.

:148

پوءِ انھن ايمان آندو پوءِ ھڪ وقت تائين کين فائدو ڏنوسون.

:149

پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن (يعني مشرڪن) کان پُڇ ته تنھنجي پالڻھار کي ڌيئر آھن ڇا يا کيس پُٽ آھنئ

:150

يا ملائڪن کي زالون بڻايوسون ۽ اُھي (اُن وقت) حاضر ھوا.

:151

خبردار ھُجو (ته) بيشڪ اُھي پنھنجي (ھٿرادو ٺھيل) ڪوڙ مان چوندا آھن.

:152

ته الله (اولاد کي) ڄڻيو آھي ۽ اُھي ڪوڙا آھن.

:153

پٽن کان ڌيئر پسند ڪيائين ڇا؟

:154

اوھان کي ڇا ٿيو آھي، ڪيئن نبيرو ڪندا آھيو؟

:155

(اوھين) ڇونه ڌيان ڪندا آھيو؟

:156

يا اوھان کي ڪا پڌري حُجّت آھي؟

:157

جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجو ڪتاب آڻيو.

:158

۽ (ڪافرن) الله ۽ جِنن جي وچ ۾ مائٽي مُقرر ڪئي، ۽ بيشڪ جِنن ڄاتو آھي ته اُھي (قيامت ۾ حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا.

:159

(ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.

:160

پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جو چوڻ سچو آھي).

:161

پوءِ (اي ڪافرؤ) بيشڪ اوھين ۽ جن (بتن) کي پوڄيندا آھيو.

:162

اوھين (سڀئي) اُن (يعني ڪوڙن معبُودن جي عبادت) لاءِ گمراھ ڪرڻ وارا نه آھيو.

:163

پر اُنھن کي جيڪو (پاڻ) دوزخ ۾ گھڙڻ وارو آھي.

:164

۽ (ملائڪ چوندا آھن ته) اسان مان اھڙو آھي ئي ڪونه جنھن لاءِ (عبادت جي) ھڪ جاءِ ٺھرايل نه آھي.

:165

۽ بيشڪ اسين صِف ٻَڌڻ وارا آھيون.

:166

۽ بيشڪ اسين تسبيح چوڻ وارا آھيون.

:167

۽ بيشڪ (عرب جا ڪافر) چوندا ھوا.

:168

ته جيڪڏھن اسان وٽ پھرين جو احوال ھجي ھا.

:169

ته ضرور الله جا خاص ٻانھا ٿيون ھا.

:170

وري اُن (يعني قرآن) جا مُنڪر ٿيا پوءِ سِگھوئي (ڪفر جي پڄاڻي) ڄاڻندا.

:171

۽ بيشڪ پنھنجن ٻانھن پيغمبرن لاءِ اسان جو وعدو اڳي ئي ٿي چڪو..

:172

ته بيشڪ اُھي (اسان جا پيغمبر) ئي فتح مند آھن.

:173

۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آھي.

:174

پوءِ کانئن ھڪ وقت تائين منھن موڙ.

:175

۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي ڏسندا.

:176

(ھي ڪافر) اسان جو عذاب جلد گھرندا آھن ڇا؟

:177

پوءِ جڏھن سندن (گھرن جي) اڱڻن ۾ (عذاب) لھندو تڏھن ڊيڄاريلن جو صُبح بڇڙو ٿيندو.

:178

۽ کانئن ھڪ وقت تائين مُنھن موڙ.

:179

۽ ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي (نتيجو) ڏسندا.

:180

تنھنجو پالڻھار پاڪ آھي جيڪي (اِھي ڪافر) بيان ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) عزّت وارو آھي.

:181

۽ (الله جي) پيغمبرن تي شال سَلام ھجي.

:182

۽ جھانن جي پالڻھار الله کي ئي سڀ ساراھ جڳائيندي آھي.