آل اسلام لائبريري
1

طٰسٓمّٓ.

2

ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.

3

متان تون پاڻ کي ھن سببان گھٽي ماريندڙ ٿئين ته (ڪافر) مسلمان نه ٿا ٿين.

4

جيڪڏھن اسين گھرون ته آسمان کان مٿن ڪا (اھڙي) نشاني نازل ڪريون جنھن جي آڏو سندن گردنون جھڪيون ٿين.

5

۽ ٻاجھاري (الله) کان ڪائي نئين نصيحت وٽن نه ايندي آھي جو کانئس منھن موڙيندڙ (نه) آھن.

6

پوءِ بيشڪ ڪُوڙو ڀانئي چُڪا تنھنڪري سگھوئي وٽن اُھي خبرون اينديون جن سان اُھي ٺـٺوليون ڪندا ھوا.

7

زمين ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا ته منجھس ھر ڪنھن جنس جا ڪيترائي سُٺا اوڀڙ ڄماياسون؟

8

بيشڪ اُن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه آھن.

9

۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

10

۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار موسىٰ کي سڏيو ته ظالمن جي قوم ڏانھن وڃ.

11

جا فرعون جي قوم آھي، (کانئن پُڇ) ته پرھيزگاري نه ڪندا ڇا؟

12

مُوسىٰ چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان مونکي ڪُوڙو ڀانئين.

13

۽ منھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي ۽ منھنجي زبان به پوري نه اُٿلندي آھي تنھنڪري ھارون ڏانھن (پيغمبريءَ جو حُڪم) موڪل.

14

۽ انھن جو مون تي ڏوھ به آھي تنھنڪري ڊڄان ٿو ته متان مون کي ماري ڇڏين.

15

(الله) فرمايو ته ايئن (ٿيڻو) نه آھي، پوءِ منھنجي نشانين سان ٻئي (ڄڻا) وڃو بيشڪ اسين اوھان سان گڏ ٻڌندڙ آھيون.

16

تنھنڪري فرعون وٽ وڃو ۽ چئوس ته بيشڪ اسين جھانن جي پالڻھار جا (ھن پيغام سان) موڪليل آھيون.

17

ته بني اسرائيل کي اسان سان موڪل.

18

فرعون چيو ته توکي پنھنجن (ڀاتين) ۾ ننڍڙو ڪري نه پاليو ھوسون ڇا؟ ۽ پنھنجي عمر جا ڪيترائي ورھ اسان ۾ گذاريئي.

19

۽ تو پنھنجو اُھو ڪم ڪيو جو تون ڪري چڪين ۽ تون بي شڪرن مان آھين.

20

(موسى) چيو ته جنھن مھل اُھو ڪم ڪيو ھوم (تنھن مھل) آءٌ بي سمجھن مان ھوس.

21

پوءِ جنھن مھل اوھان (جي ايذاءَ) کان ڊنس تنھن مھل اوھان کان ڀڳس پوءِ منھنجي پالڻھار مون کي سياڻپ بخشي ۽ مون کي پيغمبرن مان ڪيائين.

22

۽ اِھو اُھو احسان آھي ڇا جنھنجو مون تي ٿورو رکين ٿو؟ ته بني اسرائيلن کي ٻانھون ڪري ورتو اٿئي.

23

فرعون چيو ته جھانن جو پاليندڙ ڇا (کي چئبو) آھي؟

24

(موسى) چيو ته آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين ويساہ رکندا آھيو.

25

(فرعون) پنھنجي آس پاس وارن کي چيو ته (اوھين) نه ٿا ٻُڌو ڇا؟

26

(مُوسى) چيو ته (اُھو) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي ابن ڏاڏن جو پالڻھار آھي.

27

(فرعون) چيو ته اوھان جو پيغمبر جيڪو اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھي سو بيشڪ چريو آھي.

28

(مُوسى) چيو ته اوڀر ۽ اولھ ۽ جيڪي انھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھنجو (به) پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين سمجھ رکندا آھيو (ته اِھا سمجھاڻي بس آھي).

29

(فرعون) چيو ته جيڪڏھن مون کانسواءِ ڪو ٻيو خدا ورتئي ته ضرور توکي قيدين مان ڪندس.

30

(مُوسى) چيو ته جيتوڻيڪ تو وٽ پڌري شيء آڻيان ته به (قيد ڪندين) ڇا؟

31

(فرعون) چيو ته جيڪڏھن تون سَچن مان آھين ته اُھا آڻ.

32

پوءِ پنھنجي لَٺ اُڇليائين ته اُھا اُمالڪ پڌرو واسينگ (نانگ) ٿي پئي.

33

۽ پنھنجو ھٿ ڪڍيائين ته اوچتو اُھو ڏسندڙن لاءِ چمڪندڙ ٿي پيو.

34

(فرعون) پنھنجن آس پاس وارن سردارن کي چيو ته بيشڪ ھي شخص داناءُ جادوگر آھي.

35

(ھو) اوھان کي اوھان جي ملڪ مان پنھنجي جادوءَ سان لوڌڻ گھري ٿو پوءِ مون کي (ھاڻي) ڇا ٿا حُڪم ڪريو؟

36

چيائون ته کيس ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شھرن ۾ ڪوٺيندڙ کي موڪل.

37

ته سڀڪنھن ڄاڻندڙ وڏي جادوگر کي کي تو وٽ آڻين.

38

پوءِ ھڪ ڏينھن ٺھرايل جي انجام تي جادوگر گڏ ڪيا ويا.

39

۽ ماڻھن کي چيو ويو ته اوھين (به) گڏ ٿيڻ وارا آھيو ڇا؟

40

جيڪڏھن اُھي (جادوگر) غالب ٿيا ته مانَ اسين انھن جا تابعدار ٿيون.

41

پوءِ جنھن مھل جادوگر آيا (تنھن مھل) فرعون کي چيائون ته جيڪڏھن اسين ڏاڍا ٿيون ته اسان لاءِ ڪو انعام آھي (يا نه!).

42

(فرعون) چيو ته ھائو ۽ بيشڪ اوھين اُنھيءَ مھل (منھنجن) ويجھن مان ٿيندؤ.

43

کين مُوسىٰ چيو ته جيڪي اوھين اڇلڻ وارا آھيو سو اُڇليو.

44

پوءِ ھنن پنھنجا رسا ۽ پنھنجيون لٺيون اڇليون ۽ چيائون ته فرعون جي عزت جو قَسم آھي ته بيشڪ اسين ئي غالب ٿينداسون.

45

پوءِ مُوسىٰ پنھنجي لَٺ اُڇلي ته اُھا اُتي جو اُتي جيڪو سانگ بڻائيندا ويا سو ڳھندي وئي.

46

پوءِ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي نِويا.

47

چيائون ته جھانن جي پالڻھار تي ايمان آندوسون.

48

(جو) مُوسىٰ ۽ ھارون جو پالڻھار آھي.

49

(فرعون) چيو ته اُن کان اڳ جو اوھان کي موڪل ڏيان اوھان موسىٰ تي ڇو ايمان آندو، بيشڪ اُھو اوھان جو وڏو آھي جنھن اوھان کي جادو سيکاريو، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ، اوھان جا ھڪ پاسي جا ھٿ ۽ اوھان جا ٻئي پاسي جا پير ضرور وڍيندس ۽ اوھان مڙني کي (گڏ) ضرور سوريءَ تي چاڙھيندس.

50

چيائون ته ڪا حرڪت نه آھي بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھيون.

51

بيشڪ اسين اميد ٿا رکون ٿا ته اسان جو پالڻھار اسان جا ڏوھ اسان کي بخشيندو انھي ڪري جو (پھرين اسين) مُسلمان ٿيا آھيون.

52

۽ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته منھنجن ٻانھن کي راتو واہ وٺي نِڪر ڇو ته (فرعون ۽ سندس لشڪر) اوھان جي پٺيان پوندا.

53

پوءِ فرعون شھرن ۾ ڪوٺيندڙ موڪليا.

54

(چيائين) ته بيشڪ ھيء (ماڻھو) ٿوري ٽولي آھن.

55

۽ بيشڪ انھن اسان کي ڪاوڙايو آھي.

56

۽ اسين ھٿيارن واري جماعت آھيون.

57

(الله فرمائي ٿو ته) پوءِ انھن (فرعونين) کي باغن ۽ چشمن مان ٻاھر ڪڍيوسون.

58

۽ خزانن ۽ چڱي جاءِ مان (به).

59

اھڙي طرح (ڪيوسون)، ۽ انھن (شين) جو بني اسرائيلن کي وارث ڪيوسون.

60

پوءِ سج اُڀرندي ئي اُنھن (بني اسرائيلن) جي پوئتان پيا.

61

پوءِ جنھن مھل ٻنھي ٽولين ھڪ ٻئي ڏٺو (تنھن مھل) مُوسىٰ جي سنگتين چيو ته بيشڪ اسان کي پھچي ويا.

62

(موسى) چيو ته ايئن نه آھي، بيشڪ منھنجو پالڻھار مون ساڻ آھي مون کي رستي لائيندو.

63

پوءِ مُوسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته پنھنجي لٺ سمنڊ کي ھڻ، پوءِ اُھو چيرجي پيو پوءِ سڀڪو ڀاڱو وڏي پھاڙ جھڙو ٿيو.

64

۽ انھن ٻـين (فرعونين) کي اُن ھنڌ ويجھو ڪيوسون.

65

۽ مُوسىٰ ۽ سندس سنگتين مڙني کي بچايوسين.

66

وري (ھنن) ٻـين (يعني فرعونين) کي ٻوڙيوسون.

67

بيشڪ اُنھي (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ انھن مان گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

68

۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

69

۽ اُنھن کي ابراھيم جو قِصّو پڙھي ٻڌاءِ.

70

جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته ڇا کي پوڄيندا آھيو؟

71

چيائون ته (اسين) بُتن کي پوڄيندا آھيون پوءِ سارا ڏينھن انھن جا مجاور ٿي وھندا آھيون.

72

(ابراھيم) چيو ته جڏھن (ھنن کي) سڏيو ٿا (تڏھن) اوھان جو (سڏ) ٻڌن ٿا ڇا؟

73

يا اوھان کي سُک پھچائيندا آھن يا ڏک ڏيندا آھن؟

74

چيائون (نه!) بلڪ پنھنجن ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺوسون.

75

(ابراھيم) چيو ته (انھن کي) ڏٺو اٿوَ جن کي پوڄيندا رھيؤ؟

76

اوھين ۽ اوھان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا.

77

بيشڪ اُھي جھانن جي پالڻھار کانسواءِ منھنجا ويري آھن.

78

جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي اُھو ئي مون کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.

79

۽ اُھو آھي جو مون کي کارائيندو آھي ۽ مون کي پياريندو آھي.

80

۽ جڏھن بيمار ٿيندو آھيان تڏھن مون کي شفا ڏيندو آھي.

81

۽ اُھو آھي جو مون کي ماريندو ۽ وري مون کي جياريندو.

82

۽ اُھو آھي جو آسرو اٿم ته قيامت جي ڏينھن منھنجون خطائون مون کي بخشيندو.

83

اي منھنجا پالڻھار مُون کي دانائي بخش ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر.

84

۽ پوين ۾ منھنجي چڱي يادگيري (قائم) ڪر.

85

۽ مون کي نعمتن واري بھشت جي وارثن مان ڪر.

86

۽ منھنجي پيءُ کي بخش جو اُھو گمراھن مان آھي.

87

۽ جنھن ڏينھن (ماڻھو جيئرا ٿي) اُٿندا (تنھن ڏينھن) مون کي خوار نه ڪج.

88

جنھن ڏينھن نڪي مال ۽ نڪي پٽ نفعو ڏيندا.

89

پر اُھو (فائدي وارو ھوندو) جو الله وٽ سالم دل آڻيندو.

90

۽ پرھيزگارن لاءِ بھشت ويجھو ڪيو ويندو.

91

۽ گمراھن لاءِ دوزخ پڌرو ڪيو ويندو.

92

۽ کين چيو ويندو ته اُھي ڪٿي آھن جي کي پوڄيندا ھيؤ.

93

الله ڌاران؟ (ھاڻي) اُھي اوھان کي مدد ڏين ٿا ڇا يا (پاڻ) بدلو وٺي سگھن ٿا.

94

پوءِ اُھي گمراہ (پوڄيندڙ) ۽ بُت منجھس اونڌا ڪري اُڇلايا ويندا.

95

۽ مڙئي شيطاني لشڪر به (اڇلائبا).

96

۽ (تڏھن) اُھي منجھس ھڪ ٻئي سان جھڳڙو ڪندي پيا چوندا.

97

ته الله جو قسم آھي بيشڪ اسين ته پڌريءَ گمراھي ۾ ھواسون.

98

جڏھن اوھان کي جھانن جي پالڻھار سان برابر ٿي ڪيوسون.

99

۽ (ھنن) ڏوھارين کانسواءِ ٻئي ڪنھن اسان کي گمراہ نه ڪيو.

100

پوءِ اسان جو (ھاڻي) نڪو ڪو سفارش ڪرڻ وارو آھي.

101

۽ نڪو ڪو غم ٽار دوست آھي.

102

پوءِ جيڪر ھڪ ڀيرو اسان کي (وري دنيا ۾ وڃڻ) ملي ته مؤمنن مان ٿيون.

103

بيشڪ اِن ۾ ضرور نشاني آھي، ۽ انھن مان گھڻا مؤمن نه آھن.

104

۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

105

نوح جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.

106

جڏھن کين سندن ڀاءُ نوح چيو ته (الله کان) ڇونه ٿا ڊڄو.

107

بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.

108

پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

109

۽ اوھان کان اِن (پيغام جي پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اجورو ته رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

110

پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

111

چيائون ته توتي ايمان ڇو آڻيون حالانڪ نيچ ماڻھن (ڪنھن دنياوي لالچ لاءِ) تنھنجي تابعداري ڪئي آھي.

112

(نوح) چيو ته مون کي (سندن اندر جي) ڪھڙي سُڌ ته (ھو) ڇا (نيت) ڪندا رھندا آھن.

113

جيڪڏھن اوھين (سندين نيت) ڄاڻندا آھيو ته سندن حساب منھنجي پالڻھار کانسواءِ ٻئي ڪنھن تي نه آھي.

114

۽ آءٌ مؤمنن کي تڙڻ وارو نه آھيان.

115

آءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

116

چيائون ته اي نوح جيڪڏھن تون نه رھندين ته ضرور سنگسار ٿيندين.

117

(نوح) چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ منھنجي قوم مون کي ڪوڙو ڀانيو.

118

تنھنڪري منھنجي ۽ سندن وچ ۾ چڱي طرح فيصلو ڪر ۽ مونکي ۽ جيڪي مؤمن مون ساڻ آھن تن کي بچاءِ.

119

پوءِ کيس ۽ سندس سنگتين کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون.

120

وري کانئن پوءِ رھيلن کي ٻوڙيوسون.

121

بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آھي، انھن مان گھڻا مڃيندڙ نه ھوا.

122

۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

123

عاد (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڄاتو.

124

جڏھن سندن ڀاءُ ھود کين چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟

125

بيشڪ آءٌ اوھان جو امين پيغمبر آھيان.

126

پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

127

۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

128

سڀڪنھن دڙي تي اجايا مشغول ٿي نشان ڇو بڻائيندا آھيو؟

129

۽ (ڇو) مُحڪم جايون بڻائيندا آھيو؟ ڄڻڪ اوھين سدائين رھندؤ.

130

۽ جڏھن اوھين دست درازي ڪندا آھيو ته زبردست ٿي ڪندا آھيو.

131

پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

132

۽ انھي (الله) کان ڊڄو جنھن اوھان کي انھي (شيء) جي مدد ڏني جا (اوھين) ڄاڻندا آھيو.

133

اوھان کي ڍورن ۽ پُٽن (ڏيڻ) سان مدد ڏني اٿس.

134

۽ باغن ۽ پاڻي جي چشمن (ڏيڻ) سان به.

135

بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.

136

چيائون ته (جي) تون (اسان کي) نصيحت ڏئين يا نصيحت ڏيندڙن مان نه ھجين ته اسان لاءِ ھڪ جھڙو آھين.

137

اِھا اڳين جي ئي عادت آھي.

138

۽ اسين (ڪڏھن) عذاب ڪيل نه ٿينداسون.

139

پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين ھلاڪ ڪيوسون، بيشڪ اِن (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

140

۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

141

ثمود (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.

142

جڏھن کين سندن ڀاءُ صالح چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟

143

بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.

144

پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

145

۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نه ٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

146

اُھو جيڪي ھتي (دنيا ۾) آھي تنھن ۾ اوھان کي بي ڀئو ڇڏي ڏبو ڇا (ته ھميشه آرام ۾ رھو)؟

147

باغن ۽ چشمن ۾.

148

۽ پوکن ۽ کجين ۾ جن جا گوشا ڪنئرا آھن.

149

۽ ڪاريگر ٿي جبلن مان (تراشي) گھر بڻائيندا آھيو.

150

پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

151

۽ انھن حد کان لنگھندڙن جو چيو نه مڃيو.

152

جيڪي ملڪ ۾ بگيڙ وجھندا آھن ۽ سڌارا نه ڪندا آھن.

153

چيائون ته تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين.

154

تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين، جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته ڪا نشاني آڻ.

155

(صالح) چيو ته ھيءَ ڏاچي آھي اُن جي (پاڻي) پيڻ لاءِ ۽ اوھان جي (پاڻي) پيڻ لاءِ واري جو ڏينھن ٺھرايل آھي.

156

۽ اوھين کيس ڪو ايذاءُ نه پھچائجو نه ته اوھان کي وڏي ڏينھن جو عذاب پڪڙيندو.

157

پوءِ اُن جون کُچون ڪپيائون (ماري وڌائون) پوءِ پشيمان ٿيا.

158

پوءِ کين عذاب پڪڙيو، بيشڪ اُن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

159

۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

160

لُوط جي قوم پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو.

161

جڏھن کين سندن ڀاءُ لُوط چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟

162

بيشڪ آءٌ اوھان جو امين پيغمبر آھيان.

163

پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

164

۽ اُن (پيغام پھچائڻ) تي اوھان کان اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

165

جھانن جي مڙسن ڏانھن (بڇڙائيءَ لاءِ) ڇو ويندا آھيو؟

166

۽ جيڪي اوھان جي پالڻھار اوھان جي زالن مان بڻايو سو ڇڏيندا آھيو؟ بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو.

167

چيائون ته اي لُوط جيڪڏھن نه رھندين ته ضرور لوڌائبين.

168

لُوط چيو ته بيشڪ آءٌ اوھان جي ڪم جو ويري آھيان.

169

اي منھنجا پالڻھار جيڪي (ھو) ڪندا آھن تنھنجي شر کان مونکي ۽ منھنجي گھر جي ڀاتين کي بچاءِ.

170

پوءِ کيس ۽ سندس مڙني ڀاتين کي بچايوسون.

171

سواءِ (ھڪ) ٻڍڙي زال جي جا رھيلن مان ھئي.

172

وري (انھن) ٻـين جي پاڙ پٽي سون.

173

۽ مٿن (پھڻن جو) مينھن وسايوسون، پوءِ ڊيڄاريلن جو مينھن بڇڙو آھي.

174

بيشڪ ھن ۾ (وڏي) نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

175

۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

176

(شھر) ايڪه وارن پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو.

177

جڏھن کين شعيب چيو ته (الله کان) ڇونه ٿا ڊڄو؟

178

بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.

179

پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

180

بيشڪ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

181

ماڻ پورو مَيو ۽ ڇيئي لائيندڙن مان نه ھجو.

182

۽ سنئين تارازيءَ سان توريو.

183

۽ ماڻھن کي سندن شيون گھٽ نه ڏيو ۽ مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙ نه وجھو.

184

۽ اُنھيءَ الله کان ڊڄو جنھن اوھان کي ۽ اڳين خلق کي خلقيو.

185

چيائون ته تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين.

186

۽ تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين ۽ بيشڪ اسين توکي ڪوڙن مان ڀائيندا آھيون.

187

جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته اسان تي آسمان مان ڪا ڇِپ ڪيراءِ.

188

(شعيب) چيو ته جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو منھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

189

پوءِ اُن کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري ڇانوَ واري ڏينھن جي عذاب کين پڪڙيو، بيشڪ اُھو وڏي ڏينھن جو عذاب ھو.

190

بيشڪ ھن (احوال) ۾ (وڏي) نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

191

۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

192

۽ بيشڪ اھو (قرآن) جھانن جي پالڻھار کان لاٿل آھي.

193

اُن کي رُوح الامين (يعني جبرئيل) لاٿو.

194

تنھنجي دل تي (ھن لاءِ) ته ڊيڄاريندڙن مان ٿئين.

195

(جو) پڌريءَ عربي ٻوليءَ ۾ آھي.

196

۽ بيشڪ سندس خبر اڳين صحيفن ۾ (لکيل) آھي.

197

اُنھن لاءِ (اِھا) نشاني نه آھي ڇا ته بني اسرائيلن جا عالم اُن (جي حقانيت) کي ڄاڻن ھا.

198

۽ جيڪڏھن قرآن کي (عربن کانسواءِ ٻئي) ڪنھن عجميءَ تي نازل ڪريون ھا.

199

پوءِ اُھو اُن کي مٿن پڙھي ھا ته اُن کي (به) مڃڻ وارا نه ٿين ھوا.

200

اھڙي طرح گنھگارن جي دلين ۾ اُھو (انڪار) وڌوسون.

201

اُن تي (ايسين) ايمان نه آڻيندا جيسين ڏکوئيندڙ عذاب (نه) ڏسندا.

202

پوءِ اوچتو وٽن عذاب ايندو ۽ اُھي بي خبر ھوندا.

203

پوءِ چوندا ته اسين مُھلت ڏنل ٿينداسون ڇا؟

204

پوءِ اسان جو عذاب تڪڙو گھرندا آھن ڇا؟

205

ڀلا ڏٺو اٿئي ته جيڪڏھن کين ڪيئي ورھ آسودو ڪريون.

206

وري وٽن اُھو اچي جنھن جو انجام ڏنو پئي وين.

207

ته سندن آسودو ھجڻ کانئن ڇا (عذاب) ٽاريندو.

208

۽ اھڙي ڪنھن ڳوٺ کي ناس نه ڪيوسون جنھن لاءِ ڊيڄاريندڙ (نه) ھوا.

209

نصيحت ڏيڻ لاءِ، ۽ اسين ظالم نه ھواسون.

210

۽ اُن (قرآن) کي شيطانن نازل نه ڪيو آھي.

211

۽ نڪي کين جڳائيندو آھي ۽ نڪي ڪري سگھندا آھن.

212

بيشڪ اُھي (ملائڪن جي ڪلام) ٻڌڻ (جي جاءِ) کان پري ڪيل آھن.

213

تنھنڪري الله سان گڏ ڪنھن ٻئي معبُود کي نه سڏ ته عذاب وارن مان ٿيندين.

214

۽ پنھنجن ويجھن مائٽن کي ڊيڄار.

215

۽ مؤمنن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪري تنھن لاءِ پنھنجو بازو جھڪو ڪر (يعني نئڙت ڪر).

216

پوءِ جيڪڏھن تنھنجي نافرماني ڪن ته چؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان بيشڪ آءٌ بيزار آھيان.

217

۽ اُنھيءَ غالب مھربان (الله) تي ڀروسو ڪر.

218

جيڪو (تھجّد وقت) تنھنجي اُٿڻ مھل کي ڏسي ٿو.

219

۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنھنجو ڦرڻ به ڏسي ٿو.

220

بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

221

اوھان کي سُڌ (نه) ڏيان ڇا ته ڪنھن تي شيطان لھندا آھن؟

222

سڀڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار تي لھندا آھن.

223

جو ٻڌل (ڳالھ اُن جي ڪنّ ۾ آڻي) وجھندا آھن ۽ منجھائن گھڻا ڪوڙا آھن.

224

۽ گمراہ (ماڻھو) ئي شاعرن جي تابعداري ڪندا آھن.

225

نه ڏٺو اٿئي ڇا ته اُھي سڀڪنھن ميدان ۾ حيران ٿيندا آھن.

226

۽ بيشڪ اُھي اُھو چوندا آھن جيڪي نه ڪندا آھن.

227

پر جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ الله کي گھڻو ساريائون ۽ (پنھنجي) ڏکوئجڻ کانپوءِ بدلو ورتائون (اُھي گمراہ نه آھن)، ۽ ظالم سگھو ئي ڄاڻندا ته ڪھڙي موٽڻ جي ھنڌ وري موٽندا.