آل اسلام لائبريري

15 - The Rocky Tract - Al-Ĥijr

:1

الٓرٰ، ھي آيتون ڪتاب ۽ پڌري قرآن جون آھن.

:2

ڪافر گھڻو ئي (ھيءَ) خواھش ڪندا ته جيڪر مُسلمان ھُجون ھا.

:3

(اي پيغمبر) کين ڇڏي ڏي ته (دُنيا ۾) کائن ۽ (لذتن ۾) آسودا رھي گذارين ۽ کين آسرو رينجھائي ڇڏي ۽ سگھوئي ڄاڻندا.

:4

۽ ڪنھن ڳوٺ کي ويران نه ڪيوسون (سندن بڇڙن ڪمن جي ڪري) پر اُن لاءِ مُقرّر حڪم ڪيل ھو.

:5

ڪائي ٽولي پنھنجي ٺھرايل مُدّت کان نڪي تڪڙ ڪندي ۽ نڪي پوءِ تي رھي سگھندي.

:6

۽ (ڪافرن) چيو ته اي شخص جنھن تي قرآن لاٿو ويو آھي بيشڪ تون ضرور چريو آھين.

:7

جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته اسان وٽ ملائڪ ڇو نه آڻيندو آھين؟

:8

(اي پيغمبر) کين چؤ ته ملائڪ پڪي رٿ کانسواءِ نازل نه ڪندا آھيون ۽ (جيڪڏھن نازل ڪريون ۽ نه مڃين ته) اُنھيءَ مھل اُنھن کي مُھلت نه ڏني ويندي.

:9

اسان نصيحت (يعني قرآن) نازل ڪيو ۽ اسين ضرور ان جي حفاظت ڪندڙ آھيون.

:10

۽ بيشڪ توکان اڳي پھرين ٽولين ۾ پيغمبر موڪلياسون.

:11

۽ ڪو پيغمبر وٽن نه ايندو ھو جو انھن سان ٺـٺوليون ڪرڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه ڪندا ھوا.

:12

۽ اھڙي طرح ڏوھارين جي دلين ۾ (اھڙو خيال) وجھندا آھيون.

:13

جو اُن کي نه مڃيندا ۽ بيشڪ اڳين جي ريت ھلي ايندي آھي.

:14

۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو دروازو مٿن کوليون ھا ته ان ۾ سدائين چڙھندا رھن.

:15

ضرور چون ھا ته رڳو اسان جون بند ڪيون ويون آھن بلڪ اسين جادو ڪيل قوم آھيون.

:16

۽ بيشڪ آسمان ۾ بُرج بڻاياسون ۽ اُن کي ڏسندڙن لاءِ سينگاريو سون.

:17

۽ اُن کي سڀڪنھن تڙيل شيطان کان بچايوسون.

:18

پر جيڪو چوريءَ ٻڌي تنھن جي پويان پڌرو اُلنبو پوندو آھي.

:19

۽ زمين کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل کوڙيا سون ۽ منجھس ھر شيءِ اندازي سان ڄمائي سون.

:20

۽ منجھس اوھان لاءِ (قسم قسم جي) روزي (پيدا) ڪئي سون جن کي (اوھين) روزي ڏيندڙ نه آھيو.

:21

۽ اھڙي شيءِ آھي ئي ڪانه جنھن جو خزانون اسان وٽ نه آھي، انھن شين کي اسين ٺھرايل اندازي کانسواءِ نه لاھيندا آھيون.

:22

۽ وائِن ڪڪرن کڻندڙن کي موڪليندا آھيون پوءِ آسمان مان پاڻي وسائيندا آھيون پوءِ اُھو اوھان کي پياريندا آھيون، ۽ اُھو اوھين گڏ ڪرڻ وارا نه آھيو.

:23

۽ اسين ئي جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسين سڀڪنھن جا وارث آھيون.

:24

۽ بيشڪ اوھان کان اڳ وارا ڄاڻندا آھيون ۽ بيشڪ (اوھان کان) پوءِ ايندڙ (به) ڄاڻندا آھيون.

:25

۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار کين کڙو ڪندو، ڇوته اُھو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.

:26

۽ بيشڪ اسان آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو.

:27

۽ ھن کان اڳ جنن کي ڄَرَ واريءَ باھ مان بڻايوسون.

:28

۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته آءُ آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻائيندڙ آھيان.

:29

پوءِ جڏھن کيس پورو ڪري رھان ۽ منجھس پنھنجي روح مان ڦوڪيان ته کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو.

:30

پوءِ اُنھن مڙني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو.

:31

سواءِ ابليس جي، سجدي ڪندڙن سان گڏ ھجڻ کان انڪار ڪيو.

:32

(الله) چيو ته اي ابليس توکي ڇا ٿيو جو سجدي ڪرڻ وارن مان نه ٿئين.

:33

(ھن) چيو ته مون کي نه جڳائيندو آھي ته آءٌ اھڙي ماڻھوءَ کي سجدو ڪريان جنھن کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو اٿئي.

:34

(الله) فرمايو ته اُن (بھشت) مان نڪر ڇوته تون تڙيل آھين.

:35

۽ توتي قيامت تائين لعنت آھي.

:36

(ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏي.

:37

(الله) فرمايو ته تون بيشڪ مُھلت ڏنلن مان آھين.

:38

ٺھرايل وقت واري ڏينھن تائين.

:39

(ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار تو جو مون کي گمراہ ڪيو آھي تنھنڪري آءٌ انھن لاءِ زمين ۾ (گناھن کي) ضرور سينگاريندس ۽ (ٻـين) سڀني کي گمراہ ڪندس.

:40

سواءِ اُنھن تنھنجن ٻانھن جي جي سچا آھن.

:41

(الله) فرمايو ته ھيءَ سڌي واٽ آھي مون تائين.

:42

گمراھن مان جن تنھنجي تابعداري تنھن کان سواءِ (ٻـين) منھنجن ٻانھن تي تنھنجو ڪو زور نه آھي.

:43

۽ اُنھن مڙني گمراھن جي انجام واري جاءِ دوزخ آھي.

:44

اُن کي ست دروازا آھن، ھر ڪنھن دروازي لاءِ انھن مان وراھيل ڀاڱو آھي.

:45

بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا.

:46

(کين چئبو ته) انھن ۾ بي فڪر ٿي سلامتيءَ سان گھڙو.

:47

۽ سندن سينن ۾ جيڪي ڪينو ھوندو سو انھن مان ڪڍنداسين (ھڪ ٻئي جا) ڀائر ٿي آمھون سامھون تختن تي ويٺا ھوندا.

:48

اُتي کين نڪو ڏک پھچندو ۽ نڪي اُتان ڪڍيا ويندا.

:49

(اي پيغمبر) منھنجن ٻانھن کي خبر ڏي ته آءٌ بخشڻھار مھربان آھيان.

:50

۽ منھنجو عذاب ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

:51

۽ (اي پيغمبر) انھن کي ابراھيمؑ جي مھمانن جي خبر ڏي.

:52

جنھن مھل وٽس پھتا (تنھن مھل) چيائون سلام، ابراھيم چيو ته اسين اوھان کان ڊڄندڙ آھيون.

:53

چيائون ته نه ڊڄ اسين توکي علم واري پُٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا.

:54

(ابراھيم) چيو ته مون کي ھن ھوندي به مبارڪ ڏيو ٿا جو مون کي ٻڍاپڻ پھتي آھي پوءِ ڪھڙي طرح مُبارڪ ڏيو ٿا؟

:55

چيائون ته توکي جائي مبارڪ ڏيون ٿا تنھنڪري نا اُميدن مان نه ٿيءُ.

:56

(ابراھيمؑ) چيو ته پنھنجي پالڻھار جي رحمت کان گُمراھن کانسواءِ (ٻيو) ڪير نا اُميد ٿيندو؟

:57

(وري ابراھيمؑ) چيو ته اي موڪليل (ملائڪو) اوھان جو ڪھڙو ڪم آھي.

:58

چيائين ته اسين ڏوھارين جي قوم ڏانھن موڪليل آھيون.

:59

مگر لُوط جي گھر وارا، جن مڙني کي اسين ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھيون.

:60

سواءِ سندس زال جي جنھن لاءِ ٺھراء ڪيوسون ته اُھا رھيلن مان آھي.

:61

پوءِ جنھن مھل موڪليل (ملائڪ) لُوط جي گھراڻي وارن ڏانھن آيا.

:62

(تنھن مھل لُوط) چيو ته اوھين اوپري قوم آھيو.

:63

چيائون ته (نه) بلڪ تو وٽ اُھو (عذاب) وٺي آيا آھيون جنھن ۾ (ڪافر) شڪ ڪندا ھوا.

:64

۽ تو وٽ سچ سان آندو اٿون ۽ بيشڪ اسين ضرور سچا آھيون.

:65

پوءِ پنھنجي ڪٽنب سميت راتو واھ نڪر ۽ (تون) سندن پويان ھل ۽ اوھان مان ڪو ھڪڙو (به) پوئتي نه واجھائي ۽ جتي حُڪم ڪيو اَٿون اتي وڃو.

:66

۽ لُوط ڏانھن ھن حُڪم جو وحي ڪيوسون ته انھن جي پاڙ پرڀات مھل پٽي ويندي.

:67

۽ ڳوٺ وارا خوشيون ڪندا آيا.

:68

(لُوط) چيو ته ھي منھنجا مھمان آھن پوءِ مون لڄي نه ڪريو.

:69

۽ الله کان ڊڄو ۽ خوار نه ڪريوم.

:70

چيائون ته توکي جھان وارن (جي مھماني) کان نه جھليو ھوسون ڇا؟

:71

(لوط) چيو ته جيڪڏھن اوھين (منھنجو چيو) ڪندڙ ٿيندؤ ته ھي منھنجون ڌيون حاضر آھن.

:72

(اي پيغمبر) تنھنجي حياتيءَ جو قسم آھي ته اھي (ڪافر) گمراھيءَ ۾ حيران رھن ٿا.

:73

پوءِ سج اُڀرڻ مھل ڪَڙڪي ورتن.

:74

۽ اُن شھر جو مٿيون پاسو ان جي ھيٺ ڪيوسون ۽ مٿن پڪل مٽيءَ جا پھڻ وساياسون.

:75

بيشڪ ان ۾ عِبرت وٺندڙن لاءِ نشانيون آھن.

:76

۽ اِھو ڳوٺ ھميشه (جي اچ وڃ) واري واٽ تي ھو.

:77

بيشڪ اُن ۾ مؤمنن لاءِ نشانيون آھن.

:78

۽ ايڪه (جي ڳوٺن) وارا ظالم ھوا.

:79

پوءِ کائن بدلو ورتوسون، (لُوطين ۽ ايڪه وارن جا) ٻئي ڳوٺ پڌري رستي تي ھوا.

:80

۽ بيشڪ حِجر وارن پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.

:81

۽ کين پنھنجون نشانيون ڏنيون سون پوءِ اُنھن کان مُنھن موڙيندڙ ٿيا.

:82

۽ بي فڪر ٿي جبلن مان ٽُڪي گھر ٺاھيندا ھوا.

:83

پوءِ کين پرڀات مھل ڪڙڪي (اچي) ورتو.

:84

پوءِ سندين ڪمائي کائن ڪجھ به ٽاري نه سگھيو.

:85

۽ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجھن آھي سو رِٿ کانسواءِ نه بڻايو اٿون، ۽ قيامت ضرور اچڻي آھي پوءِ (سندن بي ادبين کان) سھڻي طرح ٽارو ڪر.

:86

بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي.

:87

۽ بيشڪ توکي ٻٽيون ست آيتون (يعني سُورة فاتحة) ۽ وڏو قرآن ڏنوسون.

:88

اُنھن کي ھر جنس جي سامان مان جيڪي شيون ڏنيوسون تن ڏانھن پنھنجيون اکيون نه کول ۽ نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ مؤمنن لاءِ پنھنجون ٻانھون جھڪيون ڪر.

:89

۽ چؤ ته بيشڪ آءٌ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

:90

جھڙي طرح اُنھن وراھيندڙن تي (عذاب) نازل ڪيوسون.

:91

جن قرآن کي پرزا پرزا ڪيو.

:92

(تھڙي طرح) تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته انھن مڙني کان ضرور پڇنداسون.

:93

جيڪي ڪندا ھوا تنھن بابت.

:94

جيڪي توکي حُڪم ڪجي ٿو سو کولي ٻُڌاءِ ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ.

:95

اسان تنھنجي طرفان انھن چٿر ڪندڙن جي پورائي ڪئي.

:96

جي الله سان ٻيو معبود مُقرّر ڪندا آُھن، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا.

:97

۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون ته جيڪي چوندا آھن تنھن سببان تنھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي.

:98

۽ تون پاڪائيءَ سان پنھنجي پالڻھار جي ساراھ ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان ھُج.

:99

۽ ايستائين پنھنجي پالڻھار جي عبادت (پيو) ڪر جيسين توکي موت پھچي.