109 - The Disbelievers - Al-Kāfirūn
:1
(اي پيغمبر ڪافرن کي) چؤ ته اي ڪافرؤ.
:2
نڪي آءٌ ان جي عبادت ڪندس جنھنجي اوھين عبادت ڪندا آھيو.
:3
۽ نڪي اوھين ان جي عبادت ڪندؤ جنھن جي آءٌ عبادت ڪندو آھيان.
:4
۽ نڪي آءٌ ان جي عبادت ڪندس جنھنجي اوھان عبادت ڪئي.
:5
۽ نڪي اوھين ان جي عبادت ڪندؤ جنھنجي آءٌ عبادت ڪندو آھيان.
:6
اوھان لاءِ اوھان جو دين ۽ مون لاءِ منھنجو دين آھي.