آل اسلام لائبريري

107 - The Small kindnesses - Al-Mā`ūn

:1

(اي پيغمبر) انھي کي ڏٺيءِ ڇا جيڪو عملن جي بدلي ملڻ کي ڪوڙ ڀانئيندو آھي.

:2

پوءِ اُھو آھي جو ڇوري ٻار کي ڌِڪيندو آھي.

:3

۽ (ڪنھن کي) مسڪين جي کارائڻ تي رغبت نه ڏياريندو آھي.

:4

پوءِ انھن نمازين لاءِ وَيل آھي.

:5

جي پنھنجين نمازن کان ويسلا رھندا آھن.

:6

اُھي جيڪي رياءُ ڪندا آھن.

:7

۽ اُڌاريون شيون جھليندا آھن.