104 - The Traducer - Al-Humazah
:1
(انھيءَ) سڀڪنھن گلا ڪندڙ عيب ڳوليندڙ لاءِ ويل آھي.
:2
جنھن مال گڏ ڪيو ۽ اُھو ڳڻي ڳڻي رکيائين.
:3
ڀانئيندو آھي ته سندس مال سدائين رھندو.
:4
ھرگز ائين نه آھي ضرور حُطمه ۾ اُڇلائبس.
:5
۽ ڪنھن سمجھايئي ته حُطَمَه ڇا آھي؟
:6
الله جي ٻاريل باھ آھي.
:7
جا دلين تي پھچندي.
:8
بيشڪ اُھا مٿن در بند ڪيل آھي.
:9
(جنھن حالت ۾ اُھي) ڊگھن ٿنڀن ۾ (ٻڌل ھوندا).